; سنڌي شخصيتون: گوورڌن اسراڻي، ياسر قاضي،
Showing posts with label گوورڌن اسراڻي، ياسر قاضي،. Show all posts
Showing posts with label گوورڌن اسراڻي، ياسر قاضي،. Show all posts

06 November, 2025

گوورڌن اسراڻي

گوورڌن اسراڻي

الوداع!

ياسر قاضي



”شعلي“ فلم جو اهو ڊائلاگ ڪنهن نه ٻڌو هوندو!! هٽلر مُهانڊي ان بيوقوف جيلر جي ڪردارَ ۾ اهو ڊائلاگ ادا ڪندڙ ۽ ان کي امر ڪري ڇڏيندڙ ڪوئي ٻيو نه پر، ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جو سنڌي ڪاميڊين ’گوورڌن اسراڻي‘تازو ئي 20 آڪٽوبر 2025ع تي پنهنجي مداحن کان وڇڙي ويو. سنڌ، جتي ورهاڱي کانپوءِ هندي فلم انڊسٽريءَ کي ساڌنا هرداساڻيءَ جهڙي سندر هيروئن ڏني، اڻ ڳڻيا سنڌي فلمساز ۽ هدايتڪارَ ڏنا، اتي گوپ ۽ اسراڻيءَ جهڙا باصلاحيت مزاحيه اداڪار به ڏنا، جن پنهنجي آخري دم تائين پنهنجي صلاحيتن سان بالي وُڊ جي پردي تي پاڻ ملهايو.