; سنڌي شخصيتون: سرڪش سنڌي ، منظور ڪلهوڙو، ساجد چانڊيو،
Showing posts with label سرڪش سنڌي ، منظور ڪلهوڙو، ساجد چانڊيو،. Show all posts
Showing posts with label سرڪش سنڌي ، منظور ڪلهوڙو، ساجد چانڊيو،. Show all posts

13 March, 2012

سرڪش سنڌي

سرڪش سنڌي
هڪ شخص به اهڙو شخص هجي....
منظور ڪلهوڙو/لاڙڪاڻو


سرڪش سنڌي جيڪو منهنجو پاڙيسري هو. پرائمري پاس ڪرڻ تائين مون کي اها خبر نه هئي. پوءِ جڏهن مان شيخ زيد هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيس ته هڪ ڏينهن منهنجي هڪ دوست، رستي سان ويندڙ ان شخص ڏانهن اشارو ڪيو، جنهن جي چهري تي خوبصورت ٺهندڙ ڏاڙهي، ٺهڪندڙ ڊگهو قد، ڳاڙهي ڳٽول رنگت رکندڙ ۽ سهڻيون سهڻيون سنڌي ٽوپيون پائيندڙ بابت ٻڌايو ته هي سرڪش سنڌي آهي، جيڪو سنڌ جو وڏو شاعر آهي. اڳتي هلي جڏهن سنڌي ادب ۽ قوم پرست سياست سان شناسائي ٿي، تڏهن سرڪش سنڌيءَ جي روح جي گهرائين سان سرجيل شاعري، پنهنجي اندر جي آواز جو اظهار محسوس ٿي. پوءِ اهو سرڪش سنڌي نا آشنا نه رهيو، پر هن جا غزل، گيت، وايون ۽ آزاد نظم شايع ٿيڻ کان اڳ، هن جي زباني ٻڌڻ جا اڪثر ڪري اعزاز اسان پارن کي به حاصل ٿيندا هئا! جڏهن هو ”من“ چئي ملندو هو ۽ اسان جي اصرار ۽ ڪڏهن ڪڏهن ضد تي ڪو نئون غزل، گيت ۽ نظم ٻڌائي، اسان جي مٿن تي ٻاجهاري ۽ شفيق استاد جيان پنهنجا هٿ ڦيري، پنهنجي والهانه شفقت جو اظهار ڪري اڳتي وڌندو هو ته اسان به پاڻ کي ادبي معتبر سمجهي، ڦونڊ ۾ ڦونڊجي ويندا هئاسين. اڄ کان پوءِ هاڻي جڏهن هن کي منهنجون اکيون شيخ زيد ڪالوني ۾ پسي نه سگهنديون، تڏهن مون کي ياد ٿو اچي ”سن“ جو اهو سفر، جيڪو سائين سرڪش اسان سان ڪيو هو ۽ اسان سن اسٽيشن کان وٺي سائين جي ايم سيد جي درياءَ واري بنگلي تائين، خوشيءَ سان پيرين پنڌ ڪيو هو ۽ سائين سرڪش اسان جي اصرار تي پنهنجي شاعري....