; سنڌي شخصيتون: ابراهيم لاشاري، فياض لطيف، استاد لغاري، محمد يعقوب مغل، سرور سيف، آفتاب ابڙو، پروين موسيٰ،
Showing posts with label ابراهيم لاشاري، فياض لطيف، استاد لغاري، محمد يعقوب مغل، سرور سيف، آفتاب ابڙو، پروين موسيٰ،. Show all posts
Showing posts with label ابراهيم لاشاري، فياض لطيف، استاد لغاري، محمد يعقوب مغل، سرور سيف، آفتاب ابڙو، پروين موسيٰ،. Show all posts

16 December, 2016

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ


ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ولادت ۱۳۳۶ هه = ۱۹۱۷ع
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مشهور سنڌي اديب، مورخ، محقق، مبصر، اهل قلم، دانشور ۽ بيباڪ شخص، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان ولد علي محمد خان بلوچ، ۱۳۳۶ هه مطابق ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي، ضلعي سانگهڙ، تعلقي سنجهوري جي ڳوٺ ”جعفر خان جمال“ ۾ تولد ٿيو. مئٽرڪ ۱۹۳۵ع ۾، بي اي ۱۹۴۱ع، ايم اي ۽ ايل ايل بي ۱۹۴۳ع ۾ پاس ڪرڻ بعد، آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ايجوڪيشن (education) ۾ پي ايڇ ڊي (ph: D) حاصل ڪيائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز ٿيو، جتان ۱۹۶۷ع ۾ وائيس چانسلر جي عهدي تان بدلي ٿي، اسلام آباد ۾ وزارت تعليم جي سيڪريٽريءَ جا فرائض سر انجام ڏيندو رهيو. هينئر رٽايرڊ ٿيڻ بعد، ثقافتي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.