; سنڌي شخصيتون: March 2020

21 March, 2020

قاسم حيدر سمون


قاسم حيدر سمون
اعظم ڀٽي
قاسم حيدر سمون ۱۰ جنوري ۱۹۵۵ع تي جوڻ، تعلقي ٽنڊو غلام حيدر، ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو حيدر بخش سمون آهي. هن پرائمري تعليم اسماعيل خان نظاماڻي پرائمري اسڪول، ٽنڊو غلام حيدر مان حاصل ڪري، مڊل جي تعليم اسلاميه مڊل اسڪول جمال الدين لاشاري ڊوڪيه واهه مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ ماتلي مان پاس ڪئي.

15 March, 2020

سيد علي مردان شاهه


سيد علي مردان شاهه
سچو ۽ مخلص سياستدان
حاجي گل حسن آريسر
ملڪي تاريخ ۾ ھر فڪر جا ڏاها ماڻهو آيا ۽ هن دنيا جي اسٽيج تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ھليا ويا پر انهن جي ڪردارن جون يادون اڄ به زندا آهن، اھڙي طرح ڏسبو ته ھر شعبي ۾ ڪو نه ڪو مرد مجاھد يا نه جھڪڻ وارو ماڻهو پيدا ٿيو ھوندو، شاعري کان وٺي ادب دانشوري کان ويندي سماجي عوامي خدمتن جي شعبي کان علاوه سياست، جيڪا خصوصي طرح ھن ملڪ ۾ مختلف رُخن سان ڪئي ويندي آهي، ڪي ماڻهو ان کي پاڻ لاءِ ڪندا آهن ته ڪن جو مقصد پنهنجي ذات به وساري صرف ۽ صرف عوام جي ڀلائي لاءِ سياست ڪندا آهن، ان ڪري سياست جو شعبو سڀني کان اتم ۽ ملڪ جي تقدير بدلائڻ وارو شعبو به سڏبو آهي.

حسن منصور


حسن منصور
صحافت ۽ ادب جو گڏجي هليو وڃڻ
رکيل مورائي
حسن منصور اڄ نه رهيو! ڪالهه تائين هو انگريزي صحافت ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جو اهم نالو هئو. تمام گھٽ پڙهندڙن کي خبر هوندي ته هو سنڌي آهي ۽ هن به اهڙو احساس مڙهڻ نه ٿي چاهيو. اهو احساس هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪهاڻين ۾ پڙهائڻ ضرور چاهيندو هئو، وقت گذري ويو وچ ۾!
ڪراچيءَ ۾ هوندي به جڏهن سفر جا رستا الڳ ٿين ٿا ته ملڻ مشڪل ٿيو پوي، تنهن هوندي به هو ڪڏهن  ڪڏهن پريس ڪلب جي آس پاس مختلف رنگن جي پاتل شرٽن ۽ جينس ۾ هو، پنهنجي نالي وانگر فلسطيني لڳندڙ شاگرد جئين ملي ويندو هئو، ۽ تڪڙا حال احوال ڏئي وٺي روانو ٿيندو هئو.

جعفر ميمڻ


هاڻي ڪنهن سان ٽهڪ ڏيندس!
ايم يونس ڏيٿو
موت ڪيڏو نه بي رحم آهي جن ماڻهن کي نه وڃڻ کپي انهن ماڻهن کي ئي موت جو خون خوار باز جھٽي ڏور ڏسائن طرف کڻي هليو ويندو آهي جتان ڪوبه ڪڏهن به واپس ناهي وريو. ڪي شخص صرف هڪ فرد جي حيثيت رکندا آهن پر ڪي شخص پنهنجي اندر ادارن جيڏي سڃاڻپ رکندڙ هوندا آهن انهن جي وڇڙڻ سان ڪيئي شهر ۽ ادارا رُلي ويندا آهن ۽ وري جن کان زمانو بيزار هوندو آهي اهي اسان جي گرد پيا گھمندا آهن، ڪي ماڻهو صرف پنهنجي خاندان تائين محدود هوندا آهن پر ڪن جي پيار جا ڪَتبا هر دل جي مٿان لڳي ويندا آهن، سائين سرڪش به ساڳي ڳالهه جو اظهار ڪندي چيو هو ته:

14 March, 2020

شيرين فيروز نانا


شيرين فيروز نانا
ياد ۾ مھڪندڙ ھڪ گلاب ھستي
نصير مرزا
گفتار ۾ هوءَ ڇا ته بُلبل هزار داستان پر شرط ته جنهن سان ڳالهائڻ پسند ڪري ۽ ڇا ته پُرڪشش خاتون، سڀاءُ چانڊوڪي رات مثل، ٿڌو ۽ شفاف. هلڪي ڦُلڪي، وار ڪجهه اڇا، ڪجهه برائون. ڪنن ۾ چانديءَ جا پنڙا، ڀرت ڀريل پهراڻ ۽ هيٺان سوسيءَ جو غرارو. جي ها! آئون پنهنجي سئوٽ ۽ ’سنڌي ڀرت‘ ڪتاب جي مايا ناز مصنفه ۽ دلفريب شخصيت مسز شيرين فيروز نانا جو ذڪر پيو ڪريان. ڪيڏو نه شدت سان اڄ ياد اچڻ شروع ٿي وئي اٿم. قلم پُڇي پيو، ڪٿي آهي اها شيرين فيروز نانا!؟ شايد ڪٿي به نه، زمين اندر سنگ لحد تي لکيل سُڪي ويل پنکڙيءَ جي خوشبوءِ ۾ منتقل ۽ فقط مٽي، جيڪا هاڻي صرف منهنجي تصور ۾ تر و تازه ۽ خيالن ۾ ئي مهڪندڙ. هي آئون پنهنجي مرزا خاندان جو ڪيڏو نه خوش نصيب پر ناچيز قلمڪار، جنهن جون سينيئر، جونيئر ۽ همعصر لاتعداد سئوٽيون ۽ اهي به هڪ کان هڪ. افسوس انهن مان جنهن کي گهڻو مون چاهيو، نه ملي. اهڙين ۾ مسز شيرين فيروز نانا به ۽ اها ته منهنجي فيورٽ ترين بزرگ ڪزن ۽ جيڪا ساري مرزا خاندان جي لاءِ ”ادي بيبي“ ۽ منهنجي لاءِ پڻ. منهنجا چاچا به ته لاتعداد ۽ جيڪي بابا ناصر علي مرزا جا فرسٽ، سيڪنڊ ۽ ٿرڊ ڪزن پيا سڏبا هئا. هتي بس اختصار سان عرض ته مسز فيروز نانا، يعني ادي بيبيءَ جي والد صاحب جو نالو هو پرنس، چارمنگ بار ايٽ لا، بئريسٽر ۽ جديد سنڌي افساني جو باني، نادر بيگ مرزا. هاڻي هتي لکڻ ۾ هي به ڇا حرج ته، نادر بيگ منهنجي بابا جي سڳي مامي شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جو سڀ کان وڏو فرزند هو ۽ نادر بيگ جي وڏي مامي جو وري نالو هو شيخ محمد يعقوب، وزيراعظم خيرپور اسٽيٽ. مزاجن ماڊرن ۽ انگريز ئي ته لڳندو هو هي نادر بيگ. ان ڪري هو به مون ئي وانگر پنهنجي هڪڙي سڳيءَ ڪزن مس گريس سان آرپار عشق ۾ مبتلا ٿي ويو هو. خاندان سندس عشق جي گهڻي مخالفت ڪئي ته همٿ ڪري ڪزن گريس کي آڌيءَ رات جو ڪار تي لڪ چوريءَ ۾ سوار ڪرائي، ڪراچي پهچي ڪورٽ مئرج ڪري، پنهنجي پيار کي پائي ورتائين. ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزا خاندان جي اها پهرئين لو ميرج يعني ڪورٽ ميرج هئي. پوءِ نادر بيگ خيرپور اسٽيٽ جو مئجسٽريٽ هو، جو ۱۰هين سيپٽمبر ۱۹۱۵ع تي ادي بيبي دنيا ۾ آئي. گلاب گُل جي پنکڙيءَ مثل ننڍڙي ڌيءَ کي نادر بيگ پنهنجي عظيم بابا جي هنج ۾ ڏنو ته پاڻ بانگ ڏيئي سندس نالو تجويز ڪيو ”شيرين“، جنهن جي ولادت کان ٿورو اڳ ڪراچيءَ ۾ قليچ بيگ کي جيڪو ڏوهٽو ڄاڻو هو، پاڻ ان تي فرهاد نالو رکيو هو. نادر بيگ جي ڌيءَ تي اهو شيرين نالو رکندي قليچ صاحب ڇا سوچيو هوندو ته وڏي ٿيڻ بعد شيرين ۽ فرهاد کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏبو. افسوس مالڪ کي شايد اهو منظور نه ٿيو ۽ ”شيرين“ بلا آخر مسز جسٽس فيروز نانا بڻجي وئي. ڇا اها به ڪا لَوِ ميرج؟ ۽ اهو قصو به دلچسپ ۽ اڳيان ايندو پر آگاهه رهجي ته مسز شيرين ۽ فيروز نانا جي هنج ۾ جيڪا پهرئين نياڻي آئي، اها به سنڌ جي ڇا ته ڄاتل سُڃاتل دلير نياڻي ۽ تعليمدان، جيڪا ريڊيو پاڪستان جي پهرئين انگريزي نيوز ڪاسٽر ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو بنياد وجهندڙ ميڊم انيتا غلام علي طور ڄاتي سڃاتي وئي. ادي بيبي پٽيل ڪورٽ ڪراچي، نزد ڪلفٽن پنهنجي شاندار ڪاٽيج ۾ رهندي هئي ۽ جنهن جي دروازي تي لکيل هوندو هو ”جسٽس فيروز نانا لاج“. پنهنجي زماني جو هو ڇا ته باذوق ۽ آرٽسٽڪ سڀاءُ انسان سڏبو هو، جنهن جي پسند هو وڪٽورين اسٽائل جو اولڊي گولڊي فرنيچر، ديوار تي پنڊوليم وارو وڏو شاهي گهڙيال ۽ ننڍي کنڊ جي عظيم چترڪارن عبدالرحمان چغتائي، صادقين ۽ بنگالي مصور زين العابدين جون اوريجنل پئنٽنگس. هاڻي اهڙي گهر ”راڪي چيئر“ تي ڪنهن مها راڻيءَ وانگر لُڏندڙ ۽ نٽنگ ۾ مشغول منهنجي هيءَ دنيا جي اٺين عجوبي مثل سئوٽ مسز فيروز نانا، جيڪا هر وقت پرفيومڊ رهندي هئي. سنڌي ڀرت جي ۽ آر جي ڪم جي ڇا ته ماهر، جنهن جي ڪريڊٽ تي بين الاقوامي شهرت يافته ڪتاب ”سنڌي ايمبرائيڊري“ آمريڪن ايمبيسڊر جي زال کي سنڌ جي ثقافت ۽ حاويلين ۾ رهندڙ پرده دار خاندانن جي احوالن بابت لکيل خطن جو شاندار ڪتاب ”ليٽرز ٽو دي ايملي“.... علاوه ازين قليچ بيگ صاحب جي پهرئين سياحت نامي ”ڏاڙهياري جبل جو سير“ ڪتاب کي به ته مسز فيروز نانا انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. پنهنجي ڏيک ويک ۾ وڻندڙ ساروپن ۽ روشن اکين سان هوءَ ڪا يورپين خاتون ئي پئي ڏيکائي ڏيندي هئي. جواني ۾ فيروز نانا سان کيس هڪ تصوير ۾ ڏٺم ته يڪدم ئي مونکي ”بلئڪ اينڊ وائٽ“ وارو محاور ذهن ۾ آيو. حيرت جو اظهار ڪيم ته ادي بيبي، بي اختيار ٽهڪ ڏيئي ڄڻ جلترنگ ئي نه، ذهن ۾ ڪئين شڪ شبها به ڇيڙي ڇڏيا. ٻُڌائڻ لڳي، ”فيروز ۽ ان جو ڏاڏو غلام علي نانا دراصل شڪارپور جي ’شيدڪي کوهيءَ‘ جا رهواسي هئا. علائقي جي ان نالي مان توهان هنن جي اصل نسل جو پاڻ اندازو لڳايو. فيروز برلئنٽ نوجوان هو. بابا نادر بيگ جي وڪالت واري جيڪا ڪمپني هئي، هو ان جو ذهين ترين لاير هو. مونکي وڻيو، جنهن سبب هن سان منهنجي انڊر اسٽينڊنگ ٿي. بابا نادر روشن خيال هو پر پوءِ ڏاڏا قليچ ۽ مرزا خاندان سان صلاح ڪيائين. سڀني يڪ راءِ ۽ مخالفت ڪئي. چيائون، اسين اڇا ۽ اعليٰ نسل پر نانا خاندان اهڙو ۽ اهڙو، مطلب ته رشتو نامنظور.“ پڇيم، پوءِ ڇا ٿيو؟ وراڻيائين، ”اهو ئي، جيڪو مون چاهيو. شادي ڪراچيءَ ۾ ٿي، جنهن ۾ نه قليچ بيگ شرڪت ڪئي ۽ نه ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزا خاندان.“

اسلم آزاد


اسلم آزاد
ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين سندس نعرو گونجندو رهندو
زلف پيرزادو
پاڪستان ۾ ۱۹۸۰ع وارو ڏهاڪو اهڙو هو جڏهن اڃا سيٽلائيٽ چئنلن جي ڀرمار نه ٿي هئي ان ڪري پي ٽي وي عام ماڻهن جو تفريح جي اڪيلو ۽ اهم ذريعو هئي، جڏهن ته ان عرصي کان اڳ سنڌي اخبارن جو به ساڳيو حال هو صرف ٻه يا ٽي سنڌي اخبارون هيون جن ۾ سڀ کان گهڻي پڙهي ويندڙ سنڌي اخبار هلال پاڪستان هئي، هلال پاڪستان جو ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ صاحب هو ۽ نيوز انچارج اسلم آزاد هو. هلال پاڪستان جا ان دور جا شمارا ڪير پڙهندو ته اندازو ٿيندو ته ڪيتري نج سنڌي لکي ويندي هئي ۽ پروف يا ٻوليءَ جي غلطيءَ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي . جڏهن ته اهڙي عوام دوست اخبار هئي جو ٻين اخبارن سان گڏ سينسر شپ جو به شڪار رهي جڏهن ته هلال پاڪستان صحافين جي نرسري وارو ڪم به ڪيو . نتيجي طور انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري، عبدالرحمٰن نقاش، سيف ٻنوي، سردار قريشي ۽ ٻيا ڪيترائي صحافي هلال پاڪستان مان سکيا وٺي نڪتا ۽ پوءِ مختلف اخبارن ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪندا رهيا.