; سنڌي شخصيتون: April 2017

14 April, 2017

مشتاق باگاڻي

مشتاق باگاڻي
بيمثال شاعر جو جنم ڏينهن
رکيل مورائي
هيءَ اهو دور هئو جڏهن مذهب جي مقدس نالي تي جڙيل هن ملڪ جي بادشاهي مسند تي، پاڻمرادو بڻيل، امير المومين، جنرل ضياءُ ويٺل هئو، هن جي آمريت جيتري ۽ خوفناڪ هُئي، سنڌي ماڻهن سميت سنڌي اديبن جو اهڙو ئي  حوصلو بلند هُئو.
اسين ٻارڙا هُئاسين، سياسي ڪارڪنن بڻجڻ جي شوق ۾ هئاسين پر ان کان وڌيڪ شاعر بڻجڻ جو جنون طاري هُئو، ڪتاب فقط سياسي پڙهبا هُئا، اهي اسان لاءِ سڀ ڪجهه هُئا، ان کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون هيون جيڪي ان وقت اسان جي استاد شاعر سائين راشد مورائي جي درس روڊ واري اوطاق تي ٿينديون هيون.

08 April, 2017

سائين شيوارام - شاهد حسين تيوڻو

سائين شيوارام
تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ
شاهد حسين تيوڻو

ٺاروشاهه جيڪو هڪ تاريخي شهر رهيو آهي. ۽ هي شهر ماسٽر چندر جو ساز ۽ آواز به رهيو آهي ته هي ساڳيو ئي شهرهن وقت تعليمي ماهر استاد سائين شيوا رام جو شهر به آهي. سائين هن وقت ڪامياب ۽ ڀلوڙ استاد جي وڏي حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ سائين هن وقت جي ايس ٽي جي حيثيت سان سرڪاري عهدي تي مقرر آهي. ۽ پنهنجي بي لوث محنت ۽ ايمانداريءَ سان اڄ به سرڪاري اسڪول اندر شاگردن کي علم جي نور سان روشناس ڪري رهيو آهي.

در محمد ڪمال سولنگي

در محمد ڪمال سولنگي


نالو؛ در محمد

تخلص؛ ڪمال

پيءُ جو نالو: محمد موسيٰ

ذات؛ سولنگي

ڄمڻ جي تاريخ؛ ۰۸-۰۷-۱۹۴۷ع

تعليم؛ ماسٽرس (‏‏‏M.A) جنرلزم

ادبي استاد؛ محمد ابراهيم مائل سولنگي (سندس ڀاءُ)

شايع ٿيل ڪتاب؛ سمن سرڪار (سوانح حيات)، ڪرامتون

مليل ايوارڊ؛ لاڙ جو لال (۱۹۷۹ع) ڀٽائي ايوارڊ (۲۰۰۲ع)

پيشو؛ اطلاعات کاتي جو ريجنل ڊائريڪٽر ٿي رٽائرڊ (۲۰۰۷ع)

وفات؛  ۲۷ فيبروري ۲۰۱۷ع

ڌنڌو؛ زمينداري

هنڌ؛ ڳوٺ ٺٺ سولنگي لڳ دليپوٽا ضلعو نوشهرو فيروز، سنڌ

روشن عطا


روشن عطا
عاشق حسين ساند

سنڌي ڊرامن جي ناليواري اداڪارا روشن عطا ۳۰ مارچ ۲۰۱۱ع تي ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي، عطا ۱۹۶۴ع کان پنهنجي فني سفر جو آغاز ريڊيو پاڪستان کان شروع ڪيو، روشن عطا ريڊيو پاڪستان تي شروع وارن ڏينهن ۾ برقعو پائي ايندي هئي، جڏهن ته هن جا مٽ مائٽ سندس تمام گهڻي مخالفت ڪندا هئا، هن ۲۰ کان وڌيڪ سنڌي فلمن، لاتعداد ٽي وي جي سنڌي ۽ اردو ڊرامن ، اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ۽ ٽي وي تي مرحوم نور محمد لاشاريءَ سان سندس جوڙيءَ کي گهڻو پسند ڪيو ويندو هو، هوءَ جيڪا هالي ووڊ جي ”صوفيا لارين“ ۽ بالي ووڊ جي ”نرگس“ کان گهڻو متاثر هئي. سنڌ جي هن اداڪارا جيڪا پنهنجي بهترين اداڪاري ڪري ڪردار ۾ جان وجهي ڇڏيندي هئي.

سيد حسام الدين راشدي - رکيل مورائي

سيد حسام الدين راشدي
سنڌ جو محب وطن تاريخدان
رکيل مورائي

سنڌ جو هاڪارو عالم ۽ وطن دوست تاريخدان سيد حسام الدين راشدي هن  ڌرتيءَ جو اهو سدورو پٽ هو، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ جي  اهڙي تاريخ سيهڙڻ، سموهڻ ۽ لکڻ ۾ وقف ڪئي، جنهن تاريخ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو شان، وقار ۽ اعليٰ مرتبو لڪل هئو پر ان ۾ سنڌ جي شاندار تهذيب، ثقافت ۽ اعليٰ قدر به لڪل هئا ته وري عام ماڻهن جي حقيقي بهادري، وطن دوستي توڻي وطن لاءِ ڏنل قرباني ۽ ان ۾ آيل تڪليفن جو ذڪر به ٿيل هو.

نياز همايوني


نياز همايوني
(متوفي ۳ جنوري ۲۰۰۳ع)



گاڏي کاتي حيدرآباد جي ان مصروف علائقي ۾ اوائلي واڻڪين جائين ۽ ڪجهه خوبصورت ماڙين جي پاڙي ۾، گاڏين جي گيراجن ۽ ڊينٽنگ پينٽنگ وارن جي ٺڙا ٺوڪي جي گهيري ۾ هُل هنگامي ۽ گوڙ شور کان بي نياز، نياز همايوني جو اهو فليٽ منهنجي لاءِ نهايت اتساهڪ رهيو، جتي هڪ سوڙهي ڪمري ۾ تمام وڏي لائبريري هئي، جتي رکيل الماري ۾ علم ۽ ادب جو وڏو دَفينو (ڄڻ ته هڪ گهاگهر ۾ ساگر سهيڙيل هجي). مون پنهنجي حياتي جي حوالن ۾ سائين نياز همايوني سان تمام ٿورڙين ملاقاتن ۾ گهڻو مانُ پاتو ۽ سرت ۽ ساڃاهه آهر ڄاڻ پرائي.

محسن ڪڪڙائي

محسن ڪڪڙائي

وڏي فڪر ۽ فن جو سائين

آزاد انور ڪانڌڙو/ميهڙ



ڪي شخصيتون ڪنهن شهر جي حوالي سان سڃاتيون وينديون آهن ۽ ڪي شهر وري ڪن شخصيتن جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. سنڌ جو برک شاعر محسن ڪڪڙائي به ڪڪڙ شهر جي سڃاڻپ بڻيل رهيو. سائين محسن ڪڪڙائي اهڙن انسانن مان هو، جيڪو جسماني طور ۲ اپريل ۲۰۰۵ع تي اسان کان جدا ٿي ويو آهي، پر هو پنهنجي شاهڪار ۽ اڻ وسرندڙ تخليقن ذريعي هميشه زندهه رهندو. اهڙن انسانن کي موت ڪڏهن به مات نٿو ڪري سگهي. سائين محسن ڪڪڙائيءَ جو جنم ۴ جولاءِ ۱۹۳۷ع تي ڪڪڙ ۾ سيد احمد شاهه تراب لڪياريءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو نياز علي شاهه هو. ايم اي، بي ايڊ، اديب سنڌي، اديب فاضل ۽ اديب عالم پاس محسن ڪڪڙائي رٽائرڊ هاءِ اسڪول ٽيچر هو. ۱۹۵۱ع کان لکڻ جي شروعات ڪندڙ محسن ڪڪڙائيءَ کي ۱۹۶۸ع ۾ قومي نغمن واري مقابلي ۾ سنڌي زبان ۾ بهترين نظم لکڻ تي پهريون نمبر انعام مليو. ۱۹۶۴ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تي سندس ڪلام نشر ٿيندو رهيو. 

آغا عبدالستار جان سرھندي - پير بخش پياسي

آغا عبدالستار جان سرھندي
اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا
پير بخش پياسي
ڇهين اپريل جي ڀيانڪ ۽ دکدائڪ سياهه رات هئي، ٽنڊومحمدخان جي پرڪيف ۽ خاموش مڌهم روشني ۾ ڪائنات جي هر هڪ شيءِ پنهنجن پنهنجن آشيانن ۾ آرامي هئي، ائين ٿي لڳو ڄڻ گهر، مسجدون، مندر ۽ عمارتون سڀ ننڊاکڙي جي گهيرٽ ۾ ورتل هجن، اچانڪ ابر ۾ اهاءِ ٿيو، ماٺيڻي ماحول ۾ هيبت طاري ٿي ۽ دهشت جي دونهن سان سارو شهر دونهاٽجي ويو. فضا ۾ گجگوڙ ٿي، وحشت سان سارو ماحول دهلجي ويو، وڄ ڪڙڪي ڪنهن جو ڪنڌ ڪريو رڻ گجيو راڙو ٿيو. مجال هئي جو ڪنهن جي ڪن تي ڪا جونءِ سري هجي. ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڪوبه نڪري نظاري نروار نه ٿيو. بي رحم بادل گرجندو رهيو. انهيءَ گوڙ ۽ گهمسان جي حالت ۾ هڪ معصوم دنيا جي ”عيش و عشرتن“ کان بي نياز هڪ الهڙ شهزادي وانگيان دنيا جي حرص و حوس کان آزاد رات جي گهلندڙ ٿڌڙيءَ هير ۾ هڪ اڏامندڙ پکي جيان پنهنجا پر سيريندو تارن جي جهرمٽ سان اکيون ملائيندو پنهنجي ڌن ۽ مستيءَ ۾ مگن پنهنجي وڳر کان وڇڙي بي راهه روي جي ڪيفيت ۾ وڻ جي هڪڙي ٽاريءَ کان اڏري مٺڙيون ٻوليون ٻوليندو، پنهنجي آکري جي ٻي ٽاري ڏانهن موٽي رهيو هو ته يڪا يڪ واٽ ويندي هڪ رهزن ۽ ظالم شڪاري جي بي رحمانه ۽ بزدلانه گولين جي بک ٿي ويو ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏنائين، هي بهار جي ٽڙيل مکڙي جا گل مس ٿي هئي. تنهن ريٽي رت جي هن راند ۾ پاڻ ملهائي بنا ڪنهن احتجاج ۽ عذر جي پنهنجي عزيزن، قريبن دوستن ۽ ٽنڊومحمدخان جي شهرين کي جدائي جو اهڙو گهرو داغ ۽ پيار جي اهڙي پيڙا ڏئي ويو، جنهن جا زخم اڄ به ڳاڙهي گلاب جي رتول رنگ جيان هر دل ۾ تادم تازا قائم ۽ دائم آهن.

محمد خان مجيدي- عاجز امان الله چانڊيو

محمد خان مجيدي
مٽي جي خوشبو مجيدي
عاجز امان الله چانڊيو
مرشد گهوٽ لطيف جي نگري جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ سائين محمد خان مجيدي جي مٽيءَ کي شعور ڀاڪرن ۾ ڀريو ته هزارين حسناڪيون سندس چهري کي چُمي رهيون هيون ۽ ذهن جي ميخاني ۾ شاعري جو جام ڇلڪي پيو هوس سندس آڱرين درد محسوس ڪيو، جيجل سنڌ جي سنڌوءَ جي ڇاتي جي زور تي پلجي جوانيون ماڻيدڙن جي ذهنن تي زنڱ چڙهندو ڏسي دلالي جي ٽوپي وجهي بي حِسيءَ جو سرمو پائي مڇ وَٽي مڙس سڏرائي سينو تاڻي هلندڙ گهوڙن جي سنبن جون ٽاپون هڻي سنڌ جي سپنن کي ڪُچليو ته سندس روح تڙپي پيو هو ۽ سندس اندر مان هڪ چيخ اٿي هئي.