مولانا غلام رسول مهر
ڪلهوڙا دؤر جو مؤرخ
مختيار احمد ملاح
ڪلهوڙن جو دؤر سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. ڪلهوڙن سنڌ تي مني صدي
حڪومت ڪئي. ميان نصير محمد، ميان يار محمد، ميان نور محمد، ميان غلام شاھ ڪلهوڙو، ميان
سرفراز خان ڪلهوڙو هن دؤر جا اهم حڪمران ڄاتا وڃن ٿا. هن دور ۾ جيتوڻيڪ ڪيترائي خونريزي
جا واقعا رونما ٿيا، ان جي باوجود قومي ترقيءَ لاءِ راھ هموار ڪيائون، جديد آبپاشي
نظام ڏنائون، زراعت کي ترقي ڏياريائون نت نوان شهر آباد ٿيا، تختگاھ، ڪوٽ، قلعا ۽ بندگارھ
وجود ۾ آيا، ادبي ۽ علمي طور تي به ڪلهوڙن جو دور سونهري دور سمجهيو وڃي ٿو. شاھ للطيف
جهڙو آفاقي شاعر هن دور ۾ موجود هو. ڪلهوڙن جي دور تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. ڊاڪٽر
غلام محمد لاکي صاحب ڪلهوڙن جي دور تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. پر ڪلهوڙن جي دور تي سڀ کان
وڌيڪ تفصيلي تحقيق غلام رسول مهر ڪئي آهي. مولانا غلام رسول مهر جو جنم 13 اپريل 1893ع ۾ ڦول پور ضلعي جالنڌر ۾
ٿيو. شروعاتي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ڪاليج جي تعليم لاهور مان حاصل ڪيائين. لاهور
۾ اچي مسلمانن جي سياست ۾ دلچسپي رکيائين. هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائين.