نذير احمد جوش ٻرڙو
نالي وارو شاعر
رياضت ٻرڙو
نذير احمد ولد عبدالواسع ٻرڙو ۳
جنوري ۱۹۴۰ع تي، قنبر تعلقي جي ڳوٺ گھٽهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن ”سنڌي فائينل“ ۽ ”اردو
اديب“ جو امتحان پاس ڪرڻ کان سواءِ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. هُن مختلف
اسڪولن ۾ تدريسي خدمتون نڀائيندي ۳۰ اپريل ۱۹۹۶ع تي، هيڊ ماستر طور پرائمري اسڪول
گھٽهڙ مان رٽائرمينٽ ورتي.
’جوش‘ ٻرڙو ۱۹۵۶ع ۾ شاعري شروع
ڪئي. کيس ادبي ماحول گھر ۾ ئي مليو. مشهور شاعر غلام نبي ’گل‘ سندس وڏو ڀاءُ آهي،
جنهن جو سندس ادبي اوسر ۾ اهم ڪردار آهي. ’جوش‘ ٻرڙي جو هڪ شعري مجموعو عشق اُلا
اُڇلايا مئي ۲۰۰۲ع ۾ ڇپيل آهي ۽ سندس غزلن جي هڪ آڊيو ڪئسيٽ پڻ جاري ٿيل
آهي.