سگهڙ حاجي خان جمالي
محسن رحيم جمالي
ڳوٺ سعيد خان جمالي
(نوابشاهه)
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ چواڻي؛
”هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،
هر ڪا دل هيرن جي کاڻ“.
بيشڪ ان ڳالهه ۾ ڪوبه واڌءُ ڪونهي،
ڇو ته سونهاري سنڌ امڙ جي ڪک مان هميشه اهڙن املهه ماڻڪن جنم ورتو آهي، جن نه صرف پنهنجو
پر پنهنجي سنڌ امڙ جو پڻ، مان مٿانهون ڪيو آهي. اهڙن ئي موتيءَ داڻن مان هڪ ”حاجي جانب
جمالي“ پڻ هو. هن درويش-صفت انسان 1870ع ڌاري ڳوٺ شير محمد جمالي، تعلقي نواب شاهه
۾ جنم ورتو. هو اڃا ٻن سالن جو مس هو ته سندس سِر تان والد جو شفقت ڀريو هٿ کڄي ويو. ان بعد سندس سار سنڀال سندس چاچي ڪئي. حاجي جانب جي ڄمار جڏهن پنجن سالن جي قريب ٿي
ته کيس تعليم پرائڻ خاطر هڪ مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي سندس معلم خليفو محمد خان
هو. هو هڪ وڏو لوڪ شاعر ۽ سگهڙ ٿي اڀريو. سندس شاعريءَ ۾ دين جو درس ۽ ذڪر ملي ٿو. ان کان علاوه لوڪ داستان جهڙوڪ عمر مارئي، مومل راڻو، سورٺ وغيره ۽ انبياءِ ڪرام جا
قصا ملن ٿا. لوڪ ادب جو هي لاجواب شاعر، لاڙ جي لاڏلي شاعر سانوڻ فقير جو همعصر ۽ دوست
هو. جڏهن ٻئي سگهڙ ڪنهن جاءِ گڏ ٿيندا هئا ته پوءِ ڄڻ ميلو مچي پوندو هو ۽ لڳاتار چار
پنج راتيون ڪچهري هلندي رهندي هئي. سندن موجودگيءَ جو ٻڌي پري پري کان ماڻهو ڪَهي ايندا
هئا.
سنڌ جا مشهور بيتائي جهڙوڪ، ساجن
چانگ، علي بخش مري ۽ فقير رمضان وڏي چاهه مان حاجي جانب جمالي جا بيت ميلن ۽ ڪچهرين
۾ اڄ به پڙهن ٿا ۽ کين ڀرپور داد ملي ٿو.
نواب شاهه سان تعلق رکندڙ لوڪ ادب
جو هي سگهڙ تاريخ 31 جنوري 1990ع تي هميشه لاءِ موڪلائي ويو پر سندس شاعري هميشه اسان
کي سندس ياد ڏياريندي رهندي. پر افسوس ته هن ڀلوڙ سگهڙ جي وڏي تعداد ۾ تخليق ٿيل شاعري
اڄ تائين ڪتابي صورت ۾ ڇپجي ناهي سگهي.
ھائيڊ پارڪ روزاني
ڪاوش ۳۱/۰۱/۲۰۱۲ تان کنيل