; سنڌي شخصيتون: عبدالغفور ڀرڳڙي، لياقت راڄپر، آصف رضا موريو،
Showing posts with label عبدالغفور ڀرڳڙي، لياقت راڄپر، آصف رضا موريو،. Show all posts
Showing posts with label عبدالغفور ڀرڳڙي، لياقت راڄپر، آصف رضا موريو،. Show all posts

18 January, 2014

عبدالغفور ڀرڳڙي

عبدالغفور ڀرڳڙي

سنڌ جي نامياري شخصيت

لياقت راڄپر


سنڌ جي سينيئر شخصيتن ۾ هڪ شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي آهي، جنهن زندگيءَ جا تمام گهڻا لاها چاڙها ڏٺا آهن ۽ اهو تجربو ۽ مشاهدو هن کي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڏاڍو ڪم آيو. هن پنهنجي زندگيءَ جو محور سڄي عمر پڙهڻ جي چوڌاري رکيو آهي، پوءِ اهو قانون جي ڪتابن سان جڙيل هجي يا ادب سان. هو مزاج ۾ ماٺيڻو آهي، پر جڏهن ڪنهن ڳالهه تي بحث ڪندو آهي ته پوءِ ان کي پورو ڪري پوءِ ئي ڇڏيندو آهي.