شيخ عبدالحليم “جوش”
“جوش” گم آهي گمنام نه
آهي...
حسيب ناياب منگي
صدين کان وٺي سنڌ جي سرزمين تي
سوچن جي سرهاڻ جو سلسلو جاري آهي. شاعري جنهن ۾ خوبصورتيءَ جي ساراه آهي، سچائيءَ
جي ڳالهه آهي، هر هڪ ڪوي وٽ فڪر ۽ ان جي اُڏام گهڻي کان گهڻي تيز آهي. ڌرتيءَ سان
عشق جو اظهار آهي، آزاديءَ جو پيغام آهي، نوان نوان خيال متعارف ڪرائڻ جو جوش ۽
جذبو توڙي محبت کي خاص انداز سان پيش ڪرڻ جو ڏانءُ آهي. سادي ۽ سولي ٻوليءَ ۾
خوبصورت لفظن جو جڙاءُ جنهن جنهن به شاعر پنهنجي پورهئي سان فڪري شعور ڏنو آهي سو
پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ديس وارن وٽ مهان ثابت ٿيو آهي. اسان جي آڏو شيخ عبدالحليم “جوش”
نقاد جي حيثيت سان سنڌي ادب ۾ مشهور رهيو آهي. پر شاعر جي روپ ۾ کيس پرکبو ته
اعتراف ڪرڻو پوندو ته هو پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ وارو، سادي سولي ٻوليءَ ۾
پنهنجا خيال پيش ڪرڻ وارو، ديس وارن کي پنهنجي ڪلام وسيلي شعور ڏيڻ وارو ڪوي آهي.
هن به ڌرتيءَ جي ٻين ڪيترن ئي ناميارن شاعرن وانگر چاهيو ته ڌرتيءَ تان هر هڪ فرق
مِٽجي وڃي، هر هڪ جاءِ تي جيڪا نفرت باهه وانگر ڦهلجي رهي آهي تنهن جي پاڙ پٽجي وڃي.
اسان جو ديس خوشحال بڻجي وڃي ۽ امن جو ڏيئو هر هنڌ روشن ٿي وڃي. شيخ عبدالحليم
“جوش” جي ڪلام کي پڙهڻ کانپوءِ لکڻو پوي ٿو ته سندس سخن طرازيءَ ۾ وفا جي خوشبو ۽
ايثار جو جذبو موجود آهي.