ايل وليم سيمور
سنڌي ٻوليءَ جو هڪ
گمنام گرامر نويس
مختيار ملاح
لائنل وليم سيمور (Lionel William Seymour) ائنگلو انڊين
هو. سندس جنم ۱۸۵۴ع ۾ بمبئيءَ ۾ ٿيو. سال ۱۸۷۹ع ۾ جنرل ۽ لينڊ
سروي رڪارڊ کاتي ۾ اسسٽنٽ سپرينڊنيڊنٽ لڳو ۽ اڳتي هلي سپرينڊينٽ تي ترقي ورتائين. ۱۸۹۰ع ۾ سندس شادي امي ايلزبيٿ ڪلارڪ (Amy Elizabeth Clark) سان ڪراچيءَ
۾ ٿي. لينڊ روينيو ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي ۾ سپريٽينڊنٽ هو. هو نه صرف پنهنجي سرڪاري
ڪمن ۾ مهارت رکندو هو، بلڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي معاملن ۾ به ڪافي دلچسپي رکندڙ هو. سنڌ
جي ڪيترن تعلقن ۽ ديهن جا نقشا ۽ رپورٽون پڻ
تيار ڪيل آيل، جن جو تعداد ويهن کان به مٿي آهي. ان کان علاوه هن سرڪاري
سطح تي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ ڍل جي سلسلي ۾ اصلاحي ڪم ڪيا. اهڙي طرح هو ادبي سرگرمين
۾ به مصروف رهيو.