ڪموڊور اقبال ميمڻ
سنڌ جو مايه ناز فرزند
آفتاب ميمڻ
سنڌ ڌرتيءَ انيڪ اَمُلهه ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن. ڪراچي
۾. ڪارونجهر جي ڪَور ۾. ڀٽن ۾. ميدانن ۾. هيءَ ڌرتي ڏاڍي زرخيز مٽيءَ واري ڌرتي آهي.
وقت جي بي رحم ڌارا ۽ پنهنجن جي بي حسيءَ ۽ بي رحمي به سنڌ ڌرتيءَ جي ڪُکَ کي سُنڍَ
ڪري ڪونه سگهي آهي. جي ڏيساور وڃن ٿا ‘علامه عبدالعزيز الميمني’ جهڙا
صاحبِ علم ۽ حيثيت وارا ٿين ٿا جن جي عربي ٻوليءَ تي دسترس، قرآن ڪريم ۽ لفظن جي بُڻ
بنياد جي ڇنڊڇاڻ کي جڳ مشهور علمي درسگاه الازهر به مستند مڃيندي هئي. جڏهين دنياءِ
عرب ۾ ڪنهن عربي لفظ جي معنيٰ، اشتقاق، بُڻ بنياد ۽ ماهيت تي تڪرار ٿيندو هيو ته الازهر
يونيورسٽي علامه عبدالعزيز ميمڻ ڏي رجوع ڪندي هئي. علامه صاحب جو ڏنل ڇيد سڀن لاءِ
مانَ ڀريو هوندو هيو ۽ حرفِ آخر ڪري ليکيو ويندو هيو.