استاد نور محمد ڏگو
سازن ۾ ساهه وجھندڙ
ناصر قاضي
مهراڻ جون موجون جڏهن سکر شهر مان لبِ مهراڻ وٽان گذرنديون آهن، تڏهن
سکر بئراج جا ڇاهٺ ئي دروازا سنڌوءَ جي هر سير کي انتهائي ادب وچان پرنام ڪندا آهن.
ڀاڳوند آهي سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو هيءُ شهر، جنهن شهر کي سنڌوءَ جي سير جو سڌو سنئون
نظارو نصيب ٿيو. مٿان وري مير معصوم شاهه بکريءَ جو آسمان سان ڪچهريون ڪندڙ اوچو منارو
ڄڻ ته هن شهر جي قدآور شخصيتن جي ڪردار ۽ قد ڪاٺ جي چٽي پٽي ثابتي ڏيندو هجي. ساڳئي
مناري ڀرسان سيدن واري پاڙي ۾ آباد سر ۽ سنگيت سان سلهاڙيل خاندان جون سنڌي موسيقيءَ
جي ميدان ۾ قدر لائق خدمتون سرانجام ڏنل آهن. سنڌ جي معياري موسيقار استاد محترم غلام
علي عبدالطيف جو تعلق پڻ هن ئي خاندان سان هو.