; سنڌي شخصيتون: April 2015

20 April, 2015

صُوفي آسُورام - آڪاش ڪمار آسواني

صُوفي آسُورام
هڪ وساريل شاعر
آڪاش ڪمار آسواني
سنڌ ڏيهه ۾ درويشن، دانشورن، صوفين، الهه لوڪن ۽ شاعرن جي ڪمي ڪا نه آهي.  گهڻن ئي درجن جا شاعر ٿي گذريا آهن. جيستائين حُسن، عشق ۽ خوبي دنيا ۾ موجود آهي. تيستائين شعر گوئيءَ جو ميدان پڻ گرم رهندو.
سنڌ هميشه شاعري، ثقافت، علم و ادب ۽ تصوف جو گهوارو رهيو آهي. سنڌ جي انهيءَ اجهاڳ سمنڊ جي بي انت تري ۾ بي بها موتي پيا سپجن. جن علم و ادب جي جهان کي وڌيڪ جرڪائي ڇڏيو آهي. اهڙن جڳ جرڪائيندڙ ۽ من موهيندڙ موتين واري مالها ۾ سنڌ جي هڪ عظيم صوفي درويش صوفي فقير ماستر آسُورام صاحب جن جو نالو پڻ نمايان نظر ايندو.

سائين الهرکيو ڳورڙ - شعيب سرور وڌو

سائين الهرکيو ڳورڙ
روشنيءَ جو ڪرڻو هو
شعيب سرور وڌو
سنڌ جي تاريخ جو تجزيو ڪجي ته هڪ ڳالهه واضح طور سامهون ايندي ته هن ڌرتيءَ جي ڪک مان اهڙن سورمن جنم ورتو آهي، جن پنهنجي سڄي زندگي انسانيت جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏي. سماج جو پڙهيل لکيل ۽ باشعور فرد هئڻ ناتي استاد جي ذميواري وڌيڪ هجي ٿي ته هو سماج جي نه رڳو تعليم جي حوالي سان خدمت ڪري پر تربيت وسيلي سماج جو ڪارآمد شهري بڻائڻ به استاد جي ذميواري آهي.

مريم مجيدي - سرواڻ سنڌي

مريم مجيدي
سنڌي شاعرائن جي مهندار شاعره
سرواڻ سنڌي
سنڌي شاعرائن ۾ تاريخي طور تي پهريون نالو مرکان شيخڻ جو اچي ٿو جنهن کانپوءِ اهو سلسلو آهستي آهستي اڳتي وڌي ٿو ۽ اهو سلسلو مختلف دورن کان ٿيندي رخسانه پريت تائين پهچي ٿوجن ادبي کيتر ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي پر انهن سڀني شاعرائن جي جيڪڏهن مهندار شاعره چئجي ته اها ننگر ٺٽي جي شاعره مريم مجيدي ئي آهي، مريم مجيدي پنهنجي والد سائين محمد خان مجيدي کان جيڪو علم، ادب، ڏات ۽ سلو پرايو اهو سندس شاعري ۽ شخصيت ۾ نمايان نظر اچي ٿو. آپا مريم کي پڙهڻ کانپوءِ ان ڳالهه جي پڪ ٿي وئي آهي ته شاعري صرف مرد ذات جو ئي ڪم نه آهي ۽ سٺي شاعري صرف مرد شاعرن جي حصي ۾ ئي ناهي آئي ۽ مريم مجيدي ان سڄي وايو منڊل کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو نه صرف شاعرائن پر مرد شاعرن سان به ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي مون کي پڪ آهي ته سندس شاعري هروڀرو ڪنهن مرد شاعر جي به وس جي به ڳالهه نه آهي پاڻ سٻاجهڙي طبيعت جي مالڪ هجڻ سان گڏوگڏ وڏي شاعره پڻ آهي ۽ شايد زندگي ۾ به ڪنهن کي دل سان سجدو ڪرڻ جو ارواهه ٿيو ته اها آپا مريم ئي آهي جنهن کي ڏسڻ سان سدائين هڪ احساس جاڳي ٿو ته اسان گهڻن کان ڀلا آهيون جو اسان وٽ مريم مجيدي جهڙي شاعره آهي ۽ هو سنڌ جي اوائلي شهر ٺٽي سان واسطو رکي ٿي ۽ پاڻ پنهنجي ذات ۾ ايتري ته معتبر آهي جو سندس ڪردار پڻ سندس شاعري وانگر گهڻن جي مٿان حاوي آهي. آپا مريم ڪڏهن به پنهنجي وڏائي ۽ قد وڌائڻ جي لاءِ ڪنهن کي به منٿ ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري گهڻن کي ياد هوندو ته آپا مريم ڪڏهن پيدا ٿي آهي ۽ سندس سالگرهه جو ڏينهن ڪهڙو آهي جو ان ڏينهن تي ڪا اسپيشل سپليمينٽ ڪڍي سگهجي ڇو ته آپا مريم ڪڏهن به مڃتا جي بکي ناهي رهي ۽ نه ئي وري ان جي گهوري رهي آهي هو صرف لکندي رهي ٿي ۽ اهڙو لکندي رهي ٿو جو سڀني جي خواهش هوندي آهي ته ڪاش آئون اهڙو لکي سگهان. آپا مريم سنڌ جي هر بهادر ۽ سپوت کي پنهنجي شاعري ۾ مڃتا ۽ ڀيٽا ڏني آهي ، پاڻ سنڌ توڙي هر مظلوم تي ٿيندڙ ظلم جي خلاف لکيو آهي، سندس شاعري ۾ پڻ وڏي معتبري بکي ٿي ۽ سندس شاعري کي پڙهندي ائين ئي لڳي ٿو ڄڻ ته ڪنهن پاڪ صحيفن کي پڙهيو پيو وڃي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي اهڙي ٻولي نه آهي جنهن کي پڙهندي هڪ منٽ جي لاءِ ئي ڪردار طرف سوچجي پر سندس لفظ لفظ سندس ڪردار جي اورچائي ۽ مڃتا جي گواهي ڏين ٿا ۽ سندس لاءِ هڪ اعليٰ اعزاز هجڻ جو ثبوت آهن.

ناصر مورائي - عظيم سنڌي

ناصر مورائي
سنڌ لاءِ هڪ ويڙھ جو نالو
عظيم سنڌي
ناصر مورائي ادب، سياست ۽ سماجي حوالي سان مورو مان جنم وٺندڙ عظيم شخصيت سان گڏ بهترين ڪهاڻيڪار به هو. سنڌ ۾ ۴ مارچ جي حوالي سان شاگرد تحريڪ ۾ سندس اڻ ڳڻيون خدمتون آهن. مورو جي مشهور سيد خاندان تعليم جي ميدان ۾ هڪ وڏي نانءُ سائين جعفر شاھ مرحوم جو پٽ هو. سندس هڪ ڀاءُ پروفيسر اشرف شاھ، ٻيو معصوم علي شاھ سيڪريٽري تعليم هڪ ڀاءَ نثار شاھ آمريڪا ۾ اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ محبوب علي شاھ ”محبوب مورائي“ شاگرد سياست جو متحرڪ ڪردار طور سڃاتو وڃي ٿو.

18 April, 2015

سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي

سيد ثابت علي شاهه

[۱۷۴۰ع – ۱۸۱۰ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



سيد ثابت علي شاه ولد سيد مدار علي شاه، ميراڻي دور ۾ سنڌي زبان جو هڪ بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ۱۴ محرم الحرام ۱۱۵۳ هه مطابق ۱۷۴۰ع تي ٿي آهي. خاص ڪري ”مرثيه“ جي صنف ۾ ته سندس نالو سر فهرست آهي. پاڻ اصل ملتان (پنجاب) جو هو. زندگيءَ جو وڏو حصو سيوهڻ شريف ۾ گذاريائين، جتي ۷۲ ورهين جي ڄمار ۾، ۲۷ ربيع الثاني ۱۲۲۵ هه مطابق ۱۸۱۰ع تي راه رباني ورتائين. پاڻ جيتوڻيڪ پڪو شيعو هو ۽ شيعن حاڪمن (ميرن) جو خاص ماڻهو هو. تڏهن به عقيدت جي لحاظ کان چئن يارن سڳورن ۽ بادشاه پير دستگير سيد عبدالقادر جيلانيؒ جن جي شان ۾ مداحون به چيون اٿس. نموني طور سندس هڪ ”مرثيه“ مان چند مصرعون هيٺ ڏجن ٿيون.

14 April, 2015

علامه آءِ آءِ قاضي

علامه آءِ آءِ قاضي

هڪ وڏو عالم

مدد علي سنڌي



اڄ جڏهن، علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي ورسيءَ جو ڏينهن ڏاڍي چپ چپات ۾ لنگهي ويندو، ته وڌيڪ هي عظيم انسان ياد ايندو. ڄامشوري ۾، سنڌ يونيورسٽي جي نگريءَ ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، جهڙا ادارا موجود آهن ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سنڌيالاجي جي پويان، وڻن جي جهنڊ ۾، هن سنڌ يونيورسٽيءَ نگريءَ جو باني، علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي اهليه مدر ايلسا سان گڏ ابدي آرام ۾ ستل آهي. هن عظيم شخص امداد علي امام علي عرف علامه آءِ آءِ قاضي جي لازوال خدمتن جو احساس ڪير شخص ڪري يا نه، ته انهيءَ سان ڪوئي فرق هر گز نٿو پوي ڇاڪاڻ ته دنيا جي عظيم انسان، جن وٽ هڪ مقصد، هڪ نصب العين هوندو آهي، اهي جڳ پرواھ ڪرڻ کانسواءِ ئي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ديوانگيءَ جي حد تائين ڪم ڪندا رهندا آهن. علامه صاحب، جنهن اڄ کان ۶۳ ورهيه اڳ، هن ڄامشوري جي بيابان ۾ سال۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽائون شپ جو سپنو بطور وائيس ڍانسلر ڏنو هو. هن صاحب بعد ۾ ۱۹۵۴ع ۾ پهريون ميڊيڪل ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي آباد ڪرڻ جو سپنو ساڀيا ڪري ڏيکاريو، جيڪو اڄ ڄامشوري سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور جي شڪل ۾ اسان جي آڏو آهي.هن ان ئي مرد قلندر جي اڄ ۵۰ هين ورسي آهي، ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي نگريءَ ۾ آباد تعليمي ادارن جي شاگردن، نه استادن، نه وري اتان جي اڪابرين کي احساس ته تاريخ جو ڪيڏو نه وڏو ماڻهو، اڄ هتي ستل آهي.

رکيل مورائي

هند ۽ سنڌ جي اديبن جو محبوب شاعر
مشتاق باگاڻي
سچڙي، سادڙي ۽ سٻاجهڙي سڀاءُ وارو اسانجي راڻي ليکڪ رکيل مورائي ٻهراڙيءَ وارو پورهيت سماج ۾ هڪڙي غريب هر هاريءَ جي گهر اکڙيون کوليون. اسانجا ڪکاوان گهر ۽ جڏيون جهوپڙيون اسانجي پهرين پناهه گاهه هوندي آهي. ڍنگرن جي واڙ يا لوڙهن جي آغوش ۾ سڏڪندي ۽ ٿڌا ساهه ڀريندي مسڪين مائرون پنهنجي ٻارڙن کي سپني سان لائي ساهه وانگر سانڍيندي پيار سان پالينديون آهن. انهن ابهم ٻارڙن کي ڪانبن ۾ کنيو کيٽن مان کر چونڊيندي ۽ واليون ميڙيندي ڏسبيون آهن. ڪوسي ٿڌي مٽيءَ جي ٿلهن تي اهي ٻار بانبڙا پائيندي جڏهن هلڻ سکندا آهن ته اهو گهر ٻهڪڻ ۽ چهڪڻ لڳندو آهي. گهر ۾ ٿانو مليندي، اڱڻ ٻهاريندي، ڪپڙا ڌوئيندي، ڇيڻا سُڪائيندي، سئا مينهن، ڳئون يا ٻڪريون ڏهندي، کير ولوڙيندي اهي ٻار پنهنجي مائرن سان ولهڙندا رهندا آهن، هو سياري ۾ جڏهن ڦٽيون ميڙڻ ۽ انهاري ۾ لابارو ڪرڻ وينديون آهن ته اهي ٻار مائرن سان گڏ هلندا آهن.

هري درياڻي دلگير - ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي

هري درياڻي دلگير
سنڌيءَ جو ٻهڳڻو شاعر
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
شمار ٿئي ٿو چڱن شاعرن ۾ اڄ دلگير
ڪمال آهي سو ”بيوس“ ۽ نياز پارن جو
هري گرڏنومل درياڻيءَ جو جنم ۱۵ جون ۱۹۱۶ع ۾ لاڙڪاڻي شهر جي هڪ عامل خاندان ۾ ٿيو، هن ابتدائي تعليم سرڪاري اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. بي ايس سي، ڊي جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. پوءِ اين اي ڊي انجنيئرنگ  ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اِي BE سيول ڊگري حاصل ڪري سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. هري دلگير سن ۱۹۵۸ع ۾، ورهاڱي کان پوءِ سڄا سارا يارهن سال پاڪستان ۾ رهڻ بعد سنڌ کي هميشه لاءِ الوداع ڪري، ڀارت آيو، هوائي جهاز مان لهندي، پهرين بمبئيءَ پوءِ پونا پهتو ۽ پوءِ آديپور اچي وسائي. سن ۱۹۵۹ع کان تولاڻي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پرنسپال جي عهدي تي رهي سن ۱۹۷۹ع ۾ رٽائر ڪيو.

13 April, 2015

رام جوهراڻي - زيب سنڌي

رام جوهراڻي
سندس ٻه شاندار ڪتاب
زيب سنڌي
لاڙڪاڻو علم، ادب، سياست ۽ تاريخ جي حوالي سان پنهنجو مثال بس پاڻ ئي آهي. رام سچانند جواهراڻيءَ جو تعلق به لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر رتيديري سان آهي، جتان جو مِٺو مائو به مشهور آهي ته ڪي مِٺا ماڻهو به. 7 ــ ڊسمبر 1947ع تي رتيديري جي زميندار گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ رام جواهراڻيءَ جي خاندان جڏهن سنڌ مان هند طرف لڏيو ته هو انتهائي ننڍڙو ۽ بي سمجهه ٻار هو. هن لکيو آهي ته، “منهنجي گهر وارن جڏهن هندستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي، تڏهن مان اڃا بانبڙا مس پائيندو هوس…” پر هند ۾ رهندڙ رتيديري واسي رام جواهراڻي اڄ ممبئيءَ جو هڪ ناموَر ماڻهو آهي.

عبدالستار سمون - ناصر مقصود گل

عبدالستار سمون
شرناءِ جو با صلاحيت وڄتڪار
ناصر مقصود گل
شرناءِ سنڌي ثقافت جو قديم ساز رهيو آهي، قدامت جي نظر سان ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ هن ساز جي استعمال جا اهڃاڻ اڄڪلهه يا چند سالن اڳ کان نه بلڪه عربن جي فتح واري زماني کان ڏسجن ٿا. تاريخ جي پراڻن پنن کي اٿلائڻ مان سڌ پوي ٿي ته عربن جي سنڌ تي مسلط ٿيڻ وقت ڪجھه ميراثي وڄتڪار ٽولن جي صورت ۾ دهل شرنائيون وڄائي، جھمريون هڻي، عرب حڪمرانن جي آجيان ڪئي هئي. انهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين سنڌ  ۾ شادين مرادين کان علاوه به سنڌ جي صوفي بزرگن جي درگاهن تي ملهائجندڙ ميلن توڙي ملاکڙن ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن تي دهلن ۽ شرنائين جو واڄو خوشين جي علامت هئڻ سان گڏوگڏ ثقافت جو حصو رهيو آهي.