; سنڌي شخصيتون: رام، جوهراڻي، شاندار، ڪتاب، زيب، سنڌي،
Showing posts with label رام، جوهراڻي، شاندار، ڪتاب، زيب، سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label رام، جوهراڻي، شاندار، ڪتاب، زيب، سنڌي،. Show all posts

13 April, 2015

رام جوهراڻي - زيب سنڌي

رام جوهراڻي
سندس ٻه شاندار ڪتاب
زيب سنڌي
لاڙڪاڻو علم، ادب، سياست ۽ تاريخ جي حوالي سان پنهنجو مثال بس پاڻ ئي آهي. رام سچانند جواهراڻيءَ جو تعلق به لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر رتيديري سان آهي، جتان جو مِٺو مائو به مشهور آهي ته ڪي مِٺا ماڻهو به. 7 ــ ڊسمبر 1947ع تي رتيديري جي زميندار گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ رام جواهراڻيءَ جي خاندان جڏهن سنڌ مان هند طرف لڏيو ته هو انتهائي ننڍڙو ۽ بي سمجهه ٻار هو. هن لکيو آهي ته، “منهنجي گهر وارن جڏهن هندستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي، تڏهن مان اڃا بانبڙا مس پائيندو هوس…” پر هند ۾ رهندڙ رتيديري واسي رام جواهراڻي اڄ ممبئيءَ جو هڪ ناموَر ماڻهو آهي.