; سنڌي شخصيتون: گل حسن جانوري، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، جبار آزاد منگي، ثناءُالله عتيق چنجڻي، علي دوست عاجز، علي اڪبر اسير قريشي،
Showing posts with label گل حسن جانوري، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، جبار آزاد منگي، ثناءُالله عتيق چنجڻي، علي دوست عاجز، علي اڪبر اسير قريشي،. Show all posts
Showing posts with label گل حسن جانوري، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، جبار آزاد منگي، ثناءُالله عتيق چنجڻي، علي دوست عاجز، علي اڪبر اسير قريشي،. Show all posts

18 January, 2013

دادن فقير

دادن فقير

سنڌ جو ناميارو شاعر

گل حسن جانوري/راڌڻ



سنڌ جو ناميارو شاعر دادن فقير، ڳوٺ ميانداد چنچڻي، تعلقي وارهه ۾ پيدا ٿيو. پاڻ شروعاتي تعليم ڳوٺ محراب سنديلو ۾ حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ شاعر ۽ عالم نجف علي تارڪ وٽ عربي ۽ فارسي پڙهيو. جيئن سنڌ ڌرتيءَ کي سرجڻهار قيمتي وسيلن سان مالامال ڪيو آهي، تيئن سنڌ جي سٻاجهڙي سرزمين تي جوڌن جوانن، فقيرن، وينجهارن، اديبن ۽ شاعرن مان هڪ قيمتي هيرو پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي خوبصورت ۽ دل کي ڇُهندڙ شاعريءَ وسيلي سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ پاڻ چمڪائي عوامي شاعر جو مرتبو ماڻيو. انهيءَ سرموڙ شاعر کي سنڌ جو هر شخص استاد دادن فقير جي نالي سان سڃاڻي ٿو.