; سنڌي شخصيتون: آذر ناياب صديقي، نقش ”ناياب“ منگي، منظور کوسو، نسيم بخاري، ياسر قاضي، حسيب ناياب منگي،
Showing posts with label آذر ناياب صديقي، نقش ”ناياب“ منگي، منظور کوسو، نسيم بخاري، ياسر قاضي، حسيب ناياب منگي،. Show all posts
Showing posts with label آذر ناياب صديقي، نقش ”ناياب“ منگي، منظور کوسو، نسيم بخاري، ياسر قاضي، حسيب ناياب منگي،. Show all posts

21 July, 2013

آذر ناياب صديقي

آذر ناياب صديقي

ساري تن جون صورتون لڙي لڙڪ پيا!

نقش ”ناياب“ منگي



آذر ناياب صديقي ۲- اپريل ۲۰۰۶ع تي انتقال ڪري ويو. اِنا لله واِنا اليہ راجعون. رب العالمين کيس جنت ۾ جايون جوڙي ڏئي. سندس رحلت سان روح رتپيو روئي ۽ جهڙ نيڻئون لهي ئي نه ٿو!

علم ۽ حلم جي کاڻ آذر ناياب منهنجو مڪتبي معلم به ٿيو ته سخن جي دنيا ۾ به رهبر رهيو. سندس علمي ۽ ادبي شخصيت جو اثر منهنجيءَ دل تي اهڙو گهرو ويهجي ويو جو سندس تخلص جي طرز تي مون به کڻي نقش ”ناياب“ تخلص اختيار ڪيو. تخلص جي ان نسبت سان ڪي ادبي دوست - جي اڳ ۾ اڻ ڏٺا هئا- سي مون کي يا ته سندس پٽ سمجهندا هئا يا هم سبق ۽ هم استاد. بهرحال بهتر ٿيو جو ساڻس اهڙي نسبت جڙي، جا دائم ۽ قائم رهي. استاد ته ٻيا به هئا، پر هن استاد جي ڳالهه ئي اور آ. سندس شخصيت ۾ جيترو علمي مايو هو، اوترو ئي شفيق هو. ڪشمور هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيءَ جي دوران سندس رويو قابل تعريف ڏٺم. علمي اعتماد سبب ڪنهن به بالا آفيسر جي اڳ پوءِ نه ڪيائين، گهرج موجب ۽ علمي توڙي تعليمي حيثيت سارو سندن عزت ۽ احترام ڪيائين. استادن جو حد درجي جو احترام ڪندو هو. سندس هرهڪ شيءِ جو وٽس هڪ معيار مقرر هو. جتي به جنهن شهر ۾ رهيو اُتي پنهنجي علميت ۽ شخصيت جو سڪو ڄمايائين. کيس مادري ٻولي اردو کان علاوه انگريزي ۽ فارسي ٻولين جي ڄاڻ به هئي. ۱۹۴۹ع ۾ جيئن ئي بدايون ڇڏي سنڌ ۾ اچي رهيو، تيئن سنڌي به سکيائين ۽ اردو توڙي فارسيءَ کان سواءِ سنڌيءَ ۾ به شعر چيائين. سندس سنڌي شاعريءَ جو هڪ انتخاب منهنجي محسن محترم غلام رسول ميمڻ ”مهراڻ پبليڪيشن“ شڪارپور طرفان آگسٽ ۱۹۷۸ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”اهل زبان نه هجڻ جي باوجود سندس ڪلام ۾ پختگي، سادگي ۽ سلاست جو هجڻ هڪ ڪرشمي کان گهٽ نه آهي. آذر غزل جو شاعر آهي. سندس غزل تصنع ۽ تڪلف کان پاڪ آهي. هو جو ڪجهه لکي ٿو اهو سندس مشاهدي ۽ تجربي جي ترجماني آهي. سندس ڪلام ۾ حقيقت تي گهڻو زور ڏنل آهي. هو ٿورن لفظن ۾ معنيٰ جا دفتر بيان ٿو ڪري ۽ غم جانان ۽ غم روزگار سمائي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪري ٿو وڃي، اميد ته هو سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ به هڪ نمايان ڪردار پيش ڪندو.“