; سنڌي شخصيتون: February 2024

26 February, 2024

ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ

ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ

ڇا ته ماڻهو آهي!

حسين ڪپري



منهنجو استاد ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ، انگريزي ڊپارٽمنٽ جو چيئرمين، قابل ايڊمنسٽريٽر ۽ سخت مزاج پروفيسر هو. سندس ٻانهن جي لوڏ، ڪنڌ جو ور ۽ اکين جي سختي ڏسي شاگرد ليڊرن انگريزي ڊپارٽمنٽ جي ڪلاسن جو بائڪاٽ ڪرائڻ ئي ڇڏي ڏنو!

انگلش ڊپارٽمنٽ جي اعليٰ معيار لاءِ هن ڏاڍو پاڻ پتوڙيو ۽ ان جي قيمت چڪائي. دستور هن جو پنهنجو هو، قاعدا پاڻ ٺاهيندو هو ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ به ڄاڻندو هو.

نذير حسين حيدري

نذير حسين حيدري

هڪ تاريخ ساز شخصيت - ورسيءَ جي مناسبت سان

افق فاطمہ حيدري



سنڌ جي لاڙ پٽ جو علائقو علمي خزاني سان مالامال آهي، جنهن ۾ مير غلام محمد ٽالپر، مولوي حاجي احمد ملاح، فاضل راهو ۽ ڊاڪتر نذير حسين حيدري نمايان حيثيت جا حامل آهن. ڊاڪٽر نذير حسين حيدري جو نالو هتان جي مسڪينن، لاچار ۽ بي واه ماڻهن جي همدرد، اديب، شاعر، فلسفي، محقق، مصنف، مورخ، صحافي، سياستدان ۽ حاذق حڪيم طور سڃاتو ويندو آهي.

محمد حسين شاھ سجاولي

حضرت مولانا سيد محمد حسين شاھ سجاولي

اسلامي صحافت جي ڪڙي

نم مھيسر



سجاول جي مٽيءَ ڪيترائي مڻيادار ماڻهو پيدا ڪيا آهن. جن زندگي جي ھر ميدان ۾ پاڻ ملھايو ۽ مڃايو آهي. انھن پنھنجي پويان شاندار ۽ اعلي قدرن جي ميراث ڇڏي آهي. جن جي نقش قدم تي ھلي اسان عزتن، شھرتن ۽ عظمتن جا نت نوان عروج ماڻي سگھون ٿا.

24 February, 2024

خالد ڪنڀار جوڳي

خالد ڪنڀار ‘جوڳي’

خانه بدوشن جي درد جو مصور

امر رائيسنگھ راجپوت



هُو جنهن جو رنگ ارونڌتي راءِ جي عظيم تخليق “هيڻن جو الله” جي نائڪ وليوٿا جھڙو سانورو آھي، پر اندر امرتا پريتم جي مقبول تصنيف “هڪ اُداس ڇوڪِري” جي نائڪه، انيتا جھڙو اَڇو ۽ اُجرو آھي. دُنيا جي وڏن وڏن اديبن جا اُٺ ڪتابن جا پڙھيل اهو ٿر جو ليکاري عبدالواحد آريسر جو عاشق آھي. هن جي اندر ۾ آريسر مينهن وسندي مور وانگي براجمان آھي. وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندڙ اهو وڏي قد وارو قداور ليکڪ سنڌ جي قديم تهذيب نوَ سئو هٽن واري شهر نُھٽي جي ننگ مُقيم ڪنڀار جو اُھو موڀي پُٽ آھي، جنهن جو ڇَٺيءَ جو نالو ته خالد آھي، پر فقير مُقيم کيس فلاسافر جوڳيئڙو چوندو هو، ان ڪري هُو اڄُ به پاڻ کي جوڳي سڏائي ٿو.

منٺار مارفاڻي

منٺار مارفاڻي

جنھن جو وڇوڙو جيءَ کي جهوري ٿو. . .

حسيب ناياب منگي



مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته هر روز شام جي وقت شڪارپور جي عالمن، اديبن، استادن، وڪيلن، صحافين ۽ شاعرن جو وڏو حلقو هاٿيدر تي، منهنجي والد مرحوم “نقش” ناياب منگيءَ وٽ ايندو هو، سندن ڪچهريون علم ۽ ڏاهپ جي خزاني کان خالي ڪين هونديون هيون. اُهي عام ڪچهريون به علمي، ادبي، تحقيقي توڙي سماجي ۽ سياسي محفلين جهڙيون لڳنديون هيون. ڪلاڪن جا ڪلاڪ اتي بحث مباحثا ٿيندا هئا. انهن ڪچهرين ۾ ڪي موضوع پڄاڻي تي پهچي ويندا هئا ته ڪي سوال رهجي ويندا هئا. انهن ئي ڪچهرين ۾ مون پهريون ڀيرو منٺار مارفاڻي کي ڏٺو هو، جيڪو ان وقت ته ڪهاڻيون ۽ شعر لکندو هو، پر هن ڀيري ڪنهن شخصيت تي مضمون لکي آيو هو ۽ منهنجو والد صاحب سندس لکيل مضمون جي تصحيح ڪري رهيو هو. منٺار وٽ ذري برابر به وڏائي ڪونه هئي. مون سندس عاجزيءَ کي اهڙي ريت اکين سان ڏٺو جو اتي ايندڙ هر ننڍي ۽ وڏي سان نوڙي هٿ جوڙي ڪري ملي رهيو هو. مون اتي کيس مٺڙي لهجي ۾ بامقصد گفتگو ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو هو. ان کان پوءِ ته جڏهن به ملاقات ڪندو هو ته ان ئي ساڳئي عاجزيءَ سان پيش ايندو هو. تن ڏينهن کان آخري ملاقات تائين اهڙي حالت ۾ ئي جُهڪي هٿ ٻڌي ملندو رهيو.