حڪيم محرم خان لغاري
بابا جون ساراڻيون
راشد لغاري
هتي آتم ڪٿائن، جيون ڪٿائن ۾
والدين تي وڌ کان وڌ لکيو ويو آهي. والدين وري پنهنجي ڪٿائن ۾ اولاد توڙي دوستن ۽
دل جي رازن تي جي ڀري لکيو آهي. بابا سائين حڪيم محرم خان لغاري جنم به نومبر ۱۹۳۳ ۾ ورتو هو. جڏهن ته هو اسان کي الوداع به ساڳئي مهيني ۾ ڪري ويو آهي. هن
جنم ۽ وڇوڙي جي عرصي کي پورا ۸۹ سال مڪمل
ٿيا آهن. بابا سائين ٻڌائيندو هو ته هي ڄم جي تاريخ ته سڃاڻپ ڪارڊ ۾ ايتري لکيل
آهي پر آئون ورهاڱي وقت ۱۶ کان ۱۷ سال جو هئس. جڏهن مون بابا سائين کان پڇيو ته اوهان مونکي ورهاڱي جي وقت
جون ڪي يادگيريون يا ڳالهيون ٻڌايو. بابا چيو ته اهي ڪي ڏهاڪا اڳ ۾ پڇيو ها ته ياد
هيون هاڻ جسامت جي ڪمزوري سان ان ورهاڱي جون يادگيريون ڪجهه وڃي بچيون آهن. ان وقت
بابا سائين اسان جي ڏاڏي امان جادو ۽ ڏاڏا بابا جان محمد لغاري ۽ سندس ڪٽنب گلاب
لغاري جي ڀرسان سياسي حوالي سان پاڪستان ۾ مشهور ڳوٺ ماڻڪ لغاري ۾ گهر اڏي ويٺل
هئا. ماڻڪ لغاري جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي داخلا واري رجسٽرڊ تي پهريون نالو
به شاگرد طور بابا سائين جو داخل هو. منهنجي خيال ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت وقت هن اسڪول
جو اهو رڪارڊ به ساڙيو ويو هو. بابا چيو ته ورهاڱي وقت هتي رهندڙ ماڻهن ۾ وڏي ڀاڄ
پئجي وئي هئي. اهي اصل اجها ڇڏي هندوستان لڏپلاڻ ڪري وڃي رهيا هئا، ڄڻ ته اسان جي
جيون کي به خالي ڪري وڃي رهيا هئا. ان ۾ موجود هڪ عورت کان امان ۲۵ روپين ۾ ڳئون خريد ڪئي هئي. هڪ شخص ويندي کيس هڪ وٽورو (گلاس) ڏئي ويو هو.
اهڙا قصا بابا سائين کوڙ ٻڌايا هئا. اتي بابا سائين درزڪو ڪم به ڪيو. بابا ٻڌائي ٿو
ته اسان جو ڏاڏا جان محمد ۽ سندس ڪٽنب واڍڪي ڪم ۽ درزڪي ڪم جا وڏا ماهر ۽ ڄاڻو
هئا. ڏاڏا جان محمد لغاري جي هٿ جا ٺاهيل ڪوٽ ته ان وقت جا سياستدان به شوق سان
پائيندا هئا. پو بابا سائين
۽ اسان جو ڏاڏا وارا حيدرآباد لڏو کڻي ويا هئا. بابا ٻڌائيندو هو ته اسان حيدرآباد
۾ پورا ۲۰ ورهيه گذاريا هئا. ان وقت هتي
هڪ سبحان الله هوٽل هوندي هئي جتي هو به وڃي ويهندو هو. اتي سندس دوستي مشهور هاري
اڳواڻ غلام حسين سومرو ۽ مشهور وڪيل نور الدين سرڪي سان ٿي. بابا سائين جو هڪ ڪيس
نور دين سرڪي مفت ۾ وڙهيو هو. نور الدين سرڪي کي ڪير ٽنڊو غلام علي يا گلاب لغاري
جو ٻڌائيندو هو ته پو بابا لا سلام موڪليندو هو. بابا سائين
پوري ڄمار هڪ خودداري سان گذاري ۽ پنهنجي سچائي، سادگي جو ڀرم بلند رکيو. هن جا
دوست جتي حڪيم ۽ طبيب هوندا هئا ته اتي عام غريب، پينو فقير، سوالي، پورهيت ۽ غير
مسلم پورهيت سندس وڏا ساٿي هوندا هئا. هو ڪنهن غريب جي گرفتاري تي ٿاڻي تي به پهچي
ويندو هو. پو اهي ٿاڻي جا صوبيدار به سندس
دوست هوندا هئا. ڪراچي جو سينيئر صحافي سردار قريشي، مرحوم عثمان اجميري، مرحوم
اقبال قريشي به سندس دوست هئا. جيڪي دواخاني تي به ايندا هئا.