ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو
آصف جمال سومرو
سنڌ ۾ ڏندن جي
ناليواري ڊاڪٽر ۽ والي بال جي مشهور رانديگر پروفيسر عبدالقادر کيڙي، ۲۶ اپريل ۱۹۴۵ع تي ڳوٺ جان محمد خشڪ، تعلقي دادوءَ ۾ جنم
ورتو.
جڏهن ته سندس اصل ڳوٺ
ملڪ، ضلعو نوشهرو فيروز ۾ اٿس. سندس والد ۱۹۵۱ع ۾ اولاد جي تعليم لاءِ ملڪ ڳوٺ مان لڏي، دادو شهر ۾
رهائش اختيار ڪئي. هن سنڌي تعليم دادو شهر جي پرائمري اسڪول مان ۽ مئٽرڪ پرمانند
هرداس هاءِ اسڪول مان ڪئي. محنت ۽ ذهني قابليت سان ڏندن واري شعبي ۾ بي ڊي ايس ڪيائين.
برطانيا مان ايم ايس سي ۽ ايف ڊي ايس جون ڊگريون ۱۹۷۰ع ۾ حاصل ڪيائين.