محمد صديق منگيو
سڪرنڊ جو ناليوارو
صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر
محمد عالم ڪيريو
محمد
صديق ولد عبدالرحمٰن ”عبد“ منگيي جو جنم ۰۴ جنوري ۱۹۵۶ع تي ڳوٺ ڇتن شاھ، تعلقي سڪرنڊ،
ضلعي نواب شاھ ۾ ٿيو. پرائمري تعليم جا ڪجھ درجا ڇتن شاھ ۾ پڙهيو، باقي پنهنجي
رهيل پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول سڪرنڊ اولڊ سنڌي ۾ پڙهيائين. جڏهن سندس
والد گورنمينٽ پرائمري اسڪول مجيد ڪيريي جي اي پي ڪلاس ۾ استاد ٿي آيو، ته ڪجھ وقت
پنهنجي والد سان گڏ ان اسڪول ۾ به پڙهيائين. مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد
مان ۱۹۷۳ع ۾ ڪيائين.














