ڪرامت علي
راهه گذر تو ديکهو
اسحاق سومرو
ڪرامت علي پاڪستان
جي کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ، مزدور جي حقن، خطي ۾ امن ۽ جمهوريت لاءِ جاکوڙيندڙ، هر
وقت سرگرم ۽ سفر ۾ رهندڙ هڪ متحرڪ ڪردار آهي. سندس والدين ملتان جي ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ
۾ رهندا هئا. سندس والده ۽ ڀينر هوم بيسڊ ورڪر هيون. هن خاندان ابتدائي ڏينهن ۾ ڏکي
زندگي گذاري. والده جو تعلق مشرقي پنجاب جي گرداسپور واري علائقي سان هو. سندس
والد شيعو ۽ والده سني فرقي سان لاڳاپيل هئا. والد، ڪرامت علي کي صلح جي، والده
وري مزاحمت جي تربيت ڏني.
