; سنڌي شخصيتون: نواز علي، نياز، جعفري، انيس، انصاري،
Showing posts with label نواز علي، نياز، جعفري، انيس، انصاري،. Show all posts
Showing posts with label نواز علي، نياز، جعفري، انيس، انصاري،. Show all posts

16 July, 2017

نواز علي نياز جعفري - انيس انصاري

نواز علي نياز جعفري
انيس انصاري
مٿي تي ڦندڻ سان ترڪي ٽوپي، بدن تي چڪن جو چولو، مٿان ڪاري الپاڪي جو ڪوٽ، جنهن جي کيسي ۾ چانديءَ جي زنجيريءَ سان واچ، هيٺ هرک جي سلوار، پير ۾ چمڪندڙ پمپ شو، هٿ ۾ سپ جي مٺيي سان سهڻو لڪڻ (ضرورت ڪري نه پر فيشن سبب) اکين ۾ شوخي (جهڙو تهڙو اک ملائي نه سگهي)، مرڪي ته جڳ مرڪي، کلي ته سندس اڳيان سوني پٽ وارا ڏند جرڪڻ لڳن. هي هيو جوانيءَ ۾ نواز علي نياز جعفري، خوش پوش، خوش خلق، خوش خوراڪ ۽ خوش رو، منهنجو پاڙيسري.