مير ڪاظم رضا ٽالپر
شاهواڻي ٽالپرن جي خانداني روايتن جو پاسدار - ۱۱ سيپٽمبر / جنم ڏينهن مۡبارڪ
اعظم ڀٽي
ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته؛ “آئون مخالفن جو حد کان وڌيڪ
احترام ڪندو آهيان، ڇاڪاڻ ته هۡو خۡود کان وڌيڪ مون تي سوچيندا آهن. “سندس ڪردار ۽
شخصيت بلڪل ان قول جي عڪاسي ڪري ٿي، پنهنجن توڙي پراون لاءِ ته وٽس محبتن جا جهول
ڀريل آهن پر ھۡو ذاتي زندگيءّ کان وٺي سماجي، سياسي توڙي مذهبي لڳ لاڳاپن جي دنيا
۾ مخالفن جو به حد کان وڌيڪ احترام ڪندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس شخصيت
لاتعداد سوچن جي محور ۾ گۡهمندي رهي ٿي، توڙي کڻي جو هۡو هڪ شاهي خاندان جو چشم و
چراغ آهي، جنهن خاندان جي تذڪري جا اڻڳڻيا حوالا ۽ نالا قابل تحسين به آهن ته
تاريخ جو حصو به آهن.
