ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌي
سنڌ جو مانائتو اديب –
سندس جنم ڏڻ
علي محمد درد
سولنگي
سنڌ ڌرتيءَ جيڪي املھ هيرا/
املھ ماڻڪ پيدا ڪيا آهن، انهن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو نانءُ به شامل آهي،
ڊاڪٽر صاحب ۱۱ سيپٽمبر ۱۹۳۱ع تي ڳوٺ ماڙي پور تعلقه لکي ۾ غلام حسين ميمڻ جي گھر ۾ جنم ورتو. ابتدائي
تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۴۲ع واري وڏي ٻوڏ ۾، پنهنجو ڳوٺ ڇڏي، شڪارپور جي نيڀن پاڙي ۾ اچي رهڻ لڳا ۽
اتي ئي فارسيءَ جي بنيادي تعليم ۽ قرآن شريف پڙهيا. ۱۹۴۸ع ۾ وقت جي گردش هڪ ڀيرو وري کين لڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ پاڻ شڪارپور شھر کي
الوداع چئي، اچي لاڙڪاڻي جو لاهوري محلو وسايائون. ۱۹۵۲ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ پاس ڪيائون. ۱۹۵۹ع ۾ بي اي ۽ ۱۹۶۱ع ۾
ايم اي ڪيائون. (پاڻ ڊبل ايم اي هئا، ايم اي سنڌي ۽ ايم اي اسلامڪ ڪلچر) ۽ ۱۹۷۴ع ۾ مولانا غلام محمد قاسمي جي رهنمائيءَ ۾ ”بيان العارفين جي ترتيب ۽
اپٽار“ جي عنوان سان تحقيقي مقالو لکي، پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائون.
