; سنڌي شخصيتون: شيما ڪرماني، رقاصه، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي،
Showing posts with label شيما ڪرماني، رقاصه، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي،. Show all posts
Showing posts with label شيما ڪرماني، رقاصه، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي،. Show all posts

22 June, 2026

شيما ڪرماني

شيما ڪرماني

هڪ سوچيندڙ رقاصه، رقص ڪندڙ مفڪر ۽ هڪ تحريڪ

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي



سماج، شعور ۽ فن – اهي ٽيئي جزا جڏهن ڪنهن به شخصيت ۾ گڏ ٿي ويندا آهن ته پوءِ اها شخصيت هڪ فرد ناهي رهندي، پر اها هڪ تحريڪ بڻجي ويندي آهي. پاڪستان جي ثقافتي ۽ فڪري تاريخ ۾ شيما ڪرماني اهڙي ئي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت آهي، جنهن رقص کي رڳو هڪ فن ئي ناهي سمجھيو، پر ان کي هڪ مزاحمت، فڪري بيانيي ۽ هڪ سماجي ساڃاهه ۾ پوئي ڇڏيو آهي. سندس نالو ايندي ئي ذهن ۾ هڪ اهڙي عورت جو تصور اڀري ٿو، جيڪا روايت ۽ جدت جي ٻه واٽي تي بيٺي معاشرتي ماٺار کي للڪاري ٿي، جيڪا اسٽيج تي رقص ڪندي دراصل سموري سماج جي ضمير کي ڌونڌاڙي ٿي ۽ جنهن جي پنهنجي سموري ڄمار هڪ لاڳيتي جاکوڙ، تخليق ۽ عورتن جي حقن لاءِ هڪ ويڙهاند جي علامت بڻجي چڪي آهي.