; سنڌي شخصيتون: سيف ٻنوي، مصطفيٰ ملاح، ڪامران يوسف سومرو، زرار پيرزادو، ڪامران يوسف سيف، يوسف سيف، ھمسفر گاڏھي، حسن پٺاڻ،
Showing posts with label سيف ٻنوي، مصطفيٰ ملاح، ڪامران يوسف سومرو، زرار پيرزادو، ڪامران يوسف سيف، يوسف سيف، ھمسفر گاڏھي، حسن پٺاڻ،. Show all posts
Showing posts with label سيف ٻنوي، مصطفيٰ ملاح، ڪامران يوسف سومرو، زرار پيرزادو، ڪامران يوسف سيف، يوسف سيف، ھمسفر گاڏھي، حسن پٺاڻ،. Show all posts

08 June, 2018

سيف ٻنوي

سيف ٻنوي

ناميارو شاعر ۽ صحافي

مصطفيٰ ملاح/ڪراچي



سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ۽ شاهه لطيف جو رسالو حفظ ڪندڙ، سيف ٻنوي ۲۱ جون ۱۹۴۴ع تي تعلقي ميرپور بٺوري جي شھر ٻنون ۾ اک کولي. پاڻ ۱۹۶۲ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۶۹ع کان ۱۹۷۲ع تائين، تعليم کاتي ۾ استاد رهيو. جڏهن ته ۱۹۷۴ کان ۱۹۷۶ تائين وفائي پرنٽنگ پريس ۾ مئنيجر طور ڪم ڪيائين.

سيف ٻنوي ۱۹۵۲ع کان شاعري جي شروعات ڪئي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي مونوگرام پاس ڪرڻ واري اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪيائين. جڏهن ته پاڻ ايوب جي مارشل لا خلاف سرگرم رهيو ۽ ضياءَ دور ۾ صحافين جي تحريڪ ۾ حيدرآباد ۾ پڻ سرگرم رهيو.

هن ۱۹۸۳ع کان ۱۹۸۶ع تائين هاءِ ڪورٽ ۾ ٽرانسليٽر طور خدمتون ڏنيون.