; سنڌي شخصيتون: سردار شفيق احمد ڀٽي، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،
Showing posts with label سردار شفيق احمد ڀٽي، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،. Show all posts
Showing posts with label سردار شفيق احمد ڀٽي، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،. Show all posts

13 April, 2024

سردار شفيق احمد ڀٽي

سردار شفيق احمد ڀٽي

عوامي خدمت جو جذبو رکندڙ – زڪوات ۽ عۡشر ڪميٽي تعلقي ٽنڊو محمد خان جو ٻيو ڀيرو مقرر ٿيل نئون چيئرمين

اعظم ڀٽي



ٻالڪپڻ کان هڪ ئي پاڙي جا پيڪر هوندي، هُن سان شناسائيءَ جو سُندر رشتو ته رهيو آهي، اسانجي عُمر ۾ ڇهن سالن جي وڇوٽيءَ ڪا وڏي وِٿ به ناهي، نه ئي ڪو اسان هڪٻئي لاءِ ڪا اڻ ڀڳل ڳجهارت بڻيل رهيا آهيون، هُن جي مُڇن جي ساوڪ جو سفر به منهنجي نظرن کان اوجهل نه رهيو آهي، هُن جي پيار ۽ محبت جا داستان منهنجي آڏو اکين تان پَٽيون کولي بيٺل رهيا آهن، مون هُن کي ننڍي عُمر کان ننڍا ننڍا سماجي ڪم ڪندي ڪندي به ڏٺو ته وري سياسي جدوجهد جي ميدان ۾ سندس ڪردار کي هر وقت مُتحرڪ به پرکيو آهي. هُن قومپرست سياست جي ميدان ۾ شروعاتي بانبڙا به پاتا پر ڪن مجبورين سميت ڪردارن جي پرک ۽ پروڙ سبب هُو ان ۾ عملي طور اڳڀرائي ڪرڻ کان قاصر رهيو. جنهن لاءِ هُن وٽ پنهنجا تجربا ۽ دليل آهن.