; سنڌي شخصيتون: رکيل مورائي، اخلاق جوکيو. عبدالغفار دائود پوٽو، منظور ڪلهوڙو، ياسر قاضي، طارق عزيز شيخ، ساڀيان سانگي،
Showing posts with label رکيل مورائي، اخلاق جوکيو. عبدالغفار دائود پوٽو، منظور ڪلهوڙو، ياسر قاضي، طارق عزيز شيخ، ساڀيان سانگي،. Show all posts
Showing posts with label رکيل مورائي، اخلاق جوکيو. عبدالغفار دائود پوٽو، منظور ڪلهوڙو، ياسر قاضي، طارق عزيز شيخ، ساڀيان سانگي،. Show all posts

25 August, 2016

يوسف شاهين

يوسف شاهين

ملڪي اعزاز کي اعزاز بخشيندڙ

رکيل مورائي



هن ملڪ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي چڱا ڪم به معجزاتي طور تي ويندا آهن، تازو ئي اهڙو اهم ڪم ٿيو آهي، ان سنڌ ڄائي ليکڪ کي ملڪ جو اعليٰ ادبي اعزازي ڏنو ويو آهي، جنهن عالمي تاريخ لکندڙن جي وچ ۾ اهو پدُ ماڻيو آهي جنهن تي هن ملڪ سميت سنڌ فخر ڪري سگهي ٿي، ها! سنڌي ماڻهو ان کي بنهه گهٽ ڄاڻن سڃاڻن، ڇاڪاڻ ته هن سنڌيءَ ۾ جيڪي ڪتاب لکيا آهن اهي عام سنڌي پڙهندڙ جي مزاج جا نه آهن. ها! هن جي هڪ ڪتاب بابت ان وقت نوجوان صحافي ۽ سنڌ جي ذهين شخص فقير محمد لاشاريءَ چيو هئو ته ”هي ڪتاب قومن جي آزاديءَ جو دستاويز آهي.“ ان ڪتاب جو نالو هئو ”فاتحن جو دنيا.“