; سنڌي شخصيتون: اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان،
Showing posts with label اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان،. Show all posts
Showing posts with label اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان،. Show all posts

13 April, 2024

مير علي مردان ٽالپر

مير علي مردان ٽالپر

شاهواڻي ٽالپرن جي شهر ۾ شهلياڻي مير

اعظم ڀٽي



ٽنڊو محمد خان شاهواڻي ٽالپرن جو شهر سڏجي ٿو پر ٽنڊو محمد خان جي ٽالپر ڪالوني ۾ هڪ اهڙو خاندان رهائش پذير آهي، جيڪو خاندان ٽنڊو محمد خان جي ٽالپرن سان خانداني حوالي سان لاڳاپو نٿو رکي پر سندن ذاتي ۽ سماجي ناتا قائم ۽ دائم آهن، اهو خاندان مير علي مردان ٽالپر جو خاندان آهي، هي شهلياڻي ٽالپر آهن، جيڪي اصل ۾ ضلعي بدين جي تعلقي ماتلي جي ڳوٺ مانباڻ جا رهواسي آهن، مير علي مردان ٽالپر جي والد جو نالو مير درياءَ خان ٽالپر هو. مير درياءَ خان ٽالپر کي فقط ٻه پُٽ ٿيا، هڪڙو مير علي مردان ٽالپر ۽ ٻيو مير الھ بچايو ٽالپر، مير درياءَ خان ٽالپر جي ٻئي نمبر پُٽ مير الھ بچايو ٽالپر کي چوڏهن سالن جي عمر ۾ ذاتي دشمني سبب قتل ڪري سندس لاش کوھ ۾ اڇلايو ويو هو.