دريا خان شنباڻي
سنڌي فڪشن جو سهڻو، سيبتو
نانء - جنم ڏينهن حوالي سان تاثراتي ڪالم
زاهد علي ڀٽو
بهترين قلمڪار جيڪو
هڪ ئي وقت مزاح نگاري جو فن به رکي ٿو ته خاڪا نويسي جو هنر به خوب ڄاڻي ٿو ۽ ڪهاڻيڪار
ته ڪمال جو آھي،طبيعت ۾ سادگي پسند انسان، پيارو سائين دريا خان شنباڻي صاحب
منهنجي پسنديده ڪهاڻيڪارن جي فهرست ۾ ٽاپئون ٽاپ آھي سندس لکيل ڪهاڻي اهڙي سيڪئونس،اهڙي
ترتيب ۽ اهڙي دلچسپ هوندي آھي جو پنهنجي پڙهندڙ کي آڱر کان جهلي پاڻ سان گهمائيندي
گهمائيندي پڇاڙي تائين پنهنجي سحر ۾ جڪڙي هلي ٿي ۔توڙي جو سندس پڙھندڙن جون اکيون
کليل هونديون آھن پر دريا خان جي ڪهاڻين ۾ اهڙو سحر،اهڙو طلسم هوندو آھي جو ڄڻ ڪو
ماڻهو مانڊي هٿان منڊجي ويو هجي ۽ چاهيندي نه چاهيندي لاشعوري مانڊي جي قابو ۾ قيد
ٿي ويندو آھي۔