وجئه ڪمار
ھڪ فلم اسٽار جو ڪربناڪ
زوال
منصور گاڏھي/ سڪندر
گلاب سومرو
خيرپورناٿن شاهه جي
هڪ ننڍڙي ڳوٺ (پيڄاهو) ۾ جنم وٺندڙ علي حسن، ۱۹۵۰ع ڌاري فلم انڊسٽري جي سدابهار ماحول کان
متاثر ٿي، اداڪاري لاءِ ڪراچيءَ ڏانهن رخ ڪيو ۽ نه چاهيندي به ادنى کان ادنى ڪم ڪيا.
جڏهن ته سندس اداڪاريءَ واريءَ ڏات کي ڪيترن ئي حوالن سان پرکيو ۽ ساراهيو به ويو.
عليءَ جو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ وارو خواب اسان کي ان وقت بابت ٻڌائي ٿو، جڏهن هندستاني
فلمن جي پاڪستان ۾ باضابطا طور تي نمائش ٿيندي ھئي.