ڊاڪٽر محمد سليمان
سولنگي
سنڌي ٻوليء جو خوبصورت
شاعر، اديب، نقاد ۽ سگا جو مرڪزي اڳواڻ
پروفيسر شمشاد احمد سومرو
”سگا“ مرڪز ۾
ٻه ٽينوئر سيڪريٽري هيلٿ رهندڙ، بھترين اديب ۽ شاعر، سماج سڌارڪ، نقاد، گهڻ پاڙهو
شخصيت، ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي، موري شھر جي اولھندي پاسي دادواھه کان ٿورو
مٿڀرو ڳوٺ حافظ خان محمد سولنگيءَ ۾، ۴
فيبروري ۱۹۵۲ع تي محترم جمعي خان جي گهر ۾
جنم ورتو. ڊاڪٽر صاحب جا وڏا (ابا ڏاڏا) ڏيپارجا جا رهواسي هئا ۽ ڏيپارجا جي بزرگن
بخاري سائين ۽ نظر محمد جيلاني جا مجاور هئا. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ مطابق منھنجو ڏاڏو
ميون مينھون (بن سليمان بن سينڌن) ٻنھي مزارن جو مجاور هو جنھن جي قبر ڏيپارجا ۾
بخاري سائينءَ جي مزار جي ويجهو آهي، جتان ڊاڪٽر صاحب جو والد لڏي اچي پنھنجن
عزيزن وٽ موري ويجهو ڳوٺ حافظ خان محمد سولنگيءَ ۾ اچي رهيو.
