; سنڌي شخصيتون: محمد احسان لغاري، لطيف گاد، انور ابڙو، پروفيسر اعجاز احمد قريشي، حميد منگي، نور احمد جنجھي، اظھر آزاد مغل،
Showing posts with label محمد احسان لغاري، لطيف گاد، انور ابڙو، پروفيسر اعجاز احمد قريشي، حميد منگي، نور احمد جنجھي، اظھر آزاد مغل،. Show all posts
Showing posts with label محمد احسان لغاري، لطيف گاد، انور ابڙو، پروفيسر اعجاز احمد قريشي، حميد منگي، نور احمد جنجھي، اظھر آزاد مغل،. Show all posts

02 July, 2026

ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

خاموشيءَ سان سندس موڪلاڻي ۽ ڪجھ سوال

محمد احسان لغاري



سنڌ ۽ پاڪستان جي علمي، سائنسي ۽ ادبي منظرنامي تان پروفيسر ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جهڙي قداور شخصيت جو خاموشيءَ سان هليو وڃڻ رڳو هڪ فرد جي موڪلاڻي نه آھي، پر اها هڪ اهڙي فڪري منش جي پڄاڻي آھي جن علم ۽ سائنس کي سماجي ذميواري سمجھي بي لوث نڀايو. هو انهن ناياب ماڻهن مان هئا، جن لاءِ سائنس رڳو ليبارٽريءَ جي ڀتين تائين محدود علم نه هئي، پر انساني زندگين کي بهتر بڻائڻ جو ذريعو هئي. هڪ طرف هو پئراسائيٽولاجي جهڙي انتهائي پيچيده شعبي جا بين الاقوامي سطح جا محقق هئا، ته ٻي طرف هو سنڌي ٻوليءَ ۾ صحت، ماحوليات، انساني جسم، موسمياتي تبديلين ۽ سماجي شعور بابت سائنسي ادب تخليق ڪندڙ اهڙا عالم هئا، جن علم کي وڏن ماڻھن کان ڪڍي عوام ۽ غريب شاگردن تائين پهچائڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻايو.