ايوب گاد
ادب ۽ آرٽ جو اهم نالو
منظور ڪلهوڙو
جان رسڪن
چيو آهي ته؛ ”جڏهن پيار ۽ پورهئي جو ميلاپ ٿيندو آهي ته ماسٽر پيس جنم وٺندا آهن.“
سائين ايوب گاد کي ڏسي ان چوڻيءَ تي پورو پورو ويساھ ٿيندو اٿم، ته هيءُ نازڪ ۽ نفيس،
سٻاجهو ۽ سلڇڻو شخص، سڄي حياتي پيار جو پورهيو ڪري، سنڌ جي آرٽ ۽ ادب کي هميشه ماسٽر
پيس ڏيڻ لاءِ سرگردان رهندو آيو آهي.