رونگھو علي شير
اوطاقي مڙس مٿير
منظور ڪوھيار
شاھ سائينءَ جا ڪيئي شعر، اوطاق
جي باري ۾ چيل آهن. جن بابت اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ اوطاق کي وڏي اهميت حاصل هئي.
مثلن
”اڄ نه اوطاقن ۾، سندي جوڳي ذات،
ساري
سنياسين کي، رنم ساري رات،
مون تن
جنين جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا.“
يا
”اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي
اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي
جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا “
يا وري
”اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪک،
آديسي
اٿي ويا، پئي اڏامي رک،
سامي کڻي
سنک، وڄائي واٽ ٿيا.“