ظهير عباسي
سونهن جو شاعر - ڳاڙهو جوڙو توکي جاني ڏسي
ڪيئن سگھان مان..!
رياض ڪلهوڙو
سنڌ جي
ڌرتي! جا محبت، امن، سک ۽ شانتيءَ جو گھوارو رهي آهي. اتي وري شاعرن ۽ اديبن جو
پيدا ٿيڻ ڄڻ کير ۾ کنڊ پوڻ. . . !اديب حساس طبيعت جا هوندا آهن، اديبن ۾ وري شاعر
۽ ڪهاڻيڪار ڪجھ وڌيڪ حساس، ڪومل، ڪُوئنرا ۽ ڪچڙا ٿيندا آهن. اهڙي ئي هڪ مکڻ جهڙي
نرم، نازڪ، نهٺي ۽ نماڻي شاعر جو ذڪر ٿي رهيو آهي. جنهن پنهنجي زندگيءَ جا پَلَوءَ
سچ، سونهن ۽ سادگيءَ سان ٻڌي گذاريا. سونهن جي فدائي، ظهيرالدين عباسيءَ ۱۲ ڊسمبر ۱۹۷۷ع تي خيرپور ضلعي جي مشهور
۽ تاريخي تعلقي ڪنگريءَ ۾ جنم ورتو. ۱۰ يونين ڪائونسلن
۽ ۴۹ ديھن تي مشتمل، ھن تعلقي
جو صدر
مقام پاڳارن
جون آبائي شهر “پير جو ڳوٺ” آهي. ظهير جي والد جو نالو غلام قادر هو. جيڪو، گيهه ۽ مکڻ
جو ڪاروبار ڪندو هو، سو ڪاروباري خيال سان لڏي اچي، ڳوٺ عزت جي وانڍ، تعلقي
رتيديري ۾ وٿاڻ وسايائين. رتوديرو، جيڪو سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي حوالي کان سنڌ
سميت پوري ملڪ ۾ مڃتا ۽ مقبوليت ماڻي چڪو هو. قاضي مقصود گل رتيديري جي تعريف ۾ لکيو آهي ته: