; سنڌي شخصيتون: July 2011

30 July, 2011

مخدوم بلال باغباني رح - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مخدوم بلال باغباني رح [ 1451ع – 1522ع ]
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مخدوم بلال ولد مخدوم حسن سمو، تعلقي سيوهڻ (دادو) جي ڳوٺ ”ٽلٽي“ ۾ 4 ربيع الاول 856هه مطابق 16 جون 1451 تي تولد ٿيو هو. ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ سمجهو هو. اميراڻو ٻار ٿي ڪري، دنيوي علم طرف گهٽ ۽ ديني علم ڏانهن زياده توجہ ڏنائين. شروعات ۾ سيد نور حسين شاه بخاريءَ وٽان پهريائين قرآن پاڪ ناظران ۽ پوءِ حفظ ڪيائين. ڏاتر طرفان ڏنل ڏات ۽ غير معمولي ذهانت ۽ ذڪائت جي زور تي ننڍپڻ ۾ ئي ڪافي ڪتاب برزبان ياد ڪري ويو؛ جنهن ڪري استاد ته ٺهيو، پر مدرسي جا سمورا طالب به کيس قدر جي نگاه سان نهارڻ لڳا. حق حلال جي روزيءَ خاطري ڪورڪي ڪم کي ترجيح ڏنائين. سندس جد- امجد مخدوم ادريس سمو اصل ٺٽي جو رهاڪو هو. صوفيانه طبيعت ۽ الله وارن جي عقيدت ۾ ملڪي معاملات مان منهن ڪڍي، سيوهڻ شريف لڳ ”باغبان“ ۾ اچي رهيو.

مخدوم حسن الله صديقي پاٽائي رح - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مخدوم حسن الله صديقي پاٽائي رح [ 1850ع – 1920ع ]
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شيخ الوقت حضرت عارف باالله مخدوم حسن الله ”فقيہ سنڌ“ ولد وهب الله المعروف عزت الله پاٽائي رح بن مخدوم عبدالواحد سيوستاني، 1267هه مطابق 1850ع ۾ تولد ٿيو. شروعات ۾ پنهنجي چاچي، مخدوم فضل الله صديقي (المتوفي 1290هه) وٽان درس ورتائين. ان کان پوءِ مولانا نور محمد ميڪڻ (المتوفي 1296هه) ۽ سندس وڏي فرزند مولانا گل محمد (المتوفي 1306هه) وٽان رهيل ڪتاب پورا ڪري، دستا فضيلت ٻڌائين. سندس هم سبق دوستن ۾: مولانا عطاءُ الله فيروز شاهي، مولوي محمد حسن حيدرآٻادي ۽ مولوي محمد هاشم ڳڙهي ياسينويءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا.

مخدوم ضياءُ الدين رح- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مخدوم ضياءُ الدين رح [ 1677ع – 1757ع ]
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مخدوم ضياءُ الدين ولد مخدوم هارون غالباً 1088هه مطابق 1677ع ۾، ”ڳوٺ ورياء“، تعلقي ڀتي (جون - چاچڪ) ۾ ڄائو هو. علمي ڏات کيس ورثي ۾ ملي هئي. سندس جد- امجد شيخ شهاب الدين سهروردي رح (وفات 632هه) بغداد (عراق) جو رهاڪو هو؛ جنهن پونير مخدوم الياس بن مخدوم عجائب، سومرن جي صاحبيءَ ۾ اُتان لڏي سنڌ جي ٺٽي شهر ۾ پهتو. سمجهه ڀري ٿيڻ سان مخدوم عنايت الله (وفات 1114هه) جي نظر فيض اثر هيٺ فضيلت ۽ ڪماليت جي درجي تي وڃي پهتو.
حليم سڀاءُ، سادگي اختيار ڪندڙ، وقت جي عالمن ۽ فياضن ۾ ناميارو ٿيو. خاص ڪري سلوڪ جي واٽ ۾ ڪيترن ئي پانڌيئڙن کي حق جي منزل تائين رسائي ڇڏيائين؛ جنهن ڪري ٺٽي ۾ باڪمال بزرگ ۽ باعمل عالم سڏجڻ ۾ آيو. ستت ئي پنهنجو مدرسو قائم ڪري، درس و تدريس ڏيندو رهيو. وٽانئس ڪيترائي عالم ۽ فاضل پڙهي نڪتا. سنڌ جي بزرگ هستي ۽ يگانو عالم، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح تي به سندس ئي صحبت جو اثر ٿيو – 1171هه مطابق 1757ع ۾، 80 ورهين جي ڄمار ۾ خدا جي سڏ تي راهي ٿيو. پٺيان سندس فرزند ميان يار محمد سندس گاديءَ تي وٺيو، جيڪو پڻ پيءُ جيان صالح پرهيزگار شخص هو.

14 July, 2011

شاهنواز جوڻيجو - نويد هيسباڻي


شاهنواز جوڻيجو
سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو
نويد هيسباڻي

1932ع ۾ ٽنڊو آدم لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ حاجي سنجر خان جوڻيجو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شاهنواز جوڻيجي 1962ع ۾ سياست جي شروعات ڪئي ۽ بي ڊي اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر بڻيو. شاهنواز جوڻيجو سنڌ جي ڪلچر ۽ سياست جو هڪ نرالو ڪردار هو، راڄ ڀاڳ ۾ ايمان رکندڙ ۽ وفاقي پارٽي ۾ هوندي به سنڌ جي مفادن کي اوليت ڏيندو هو. هن ڪڏهن به سنڌ جي مفادن تي سوديبازي نه ڪئي ۽ چوندو هو ته قومپرست وقتي طور تي گڏجي وڃن ٿا پر قومپرستن ۾ نيڪ نيتي هج ته هو سنڌ جا حق حاصل ڪري سگهن ٿا. پهريون ڀيرو ڀٽو دؤر ۾ 1975ع ۾ ڊي پي آر تحت کيس جيل موڪليو ويو. 1977ع تائين 2 سال جيل ۾ رهيو. جڏهن ضياءُالحق شهيد ڀٽو جو تختو اونڌو ڪيو هو ۽ شهيد ڀٽو خلاف هن مشهور حُر ڪيس کوليو هو ۽ شاهنواز جوڻيجو کي ڀٽو صاحب مٿان شاهدي لاءِ چيو هو پر هن کيس ٺپ جواب ڏنو هو، جنهن ڪري سزا طور کيس جيل ڀوڳڻو پيو. 1981ع ۾ جنرل ضياءُالحق جي دؤر ۾ جهاز هائي جيڪ ڪيس ۾ هڪ سال جيل ۾ قيد ڪيو ويو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به هن ڏيڍ سال جيل ڪاٽيو. جيتوڻيڪ ڄام صادق علي سندس ننڍپڻ جو دوست هو ، ان شاهنواز جوڻيجو کي پ پ ڇڏي ساڻس گڏجي هلڻ جو چيو ۽ انڪار تي ايم ڪيو ايم ڪارڪن قتل ڪيس ۾ کيس ڏيڍ سال جيل ۾ بند ڪيو. شاهنواز جوڻيجو ڀٽو دؤر کان وٺي مشرف دؤر تائين جيل ڪاٽيا پر پنهنجي اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. هو جيلن ۾ هوندي به جيل جي قيدين ۽ جيل انتظاميه جي تڪرارن جا فيصلا ڪندو هو. جيل ۾ هن جي ملڪ جي ناليواري سياستدانن سان دوستي پڻ ٿي. هي غلام مصطفيٰ جتوئي، غلام مجتبيٰ جتوئي، مير هزار خان بجاراڻي، سيد قائم علي شاهه، نثار کهڙو، مخدوم خليق الزمان، پروفيسر غفور احمد، رسول بخش پليجو، عبدالواحد آريسر، اقبال حيدر، مير رسول بخش ٽالپر، منظور وساڻ، مشهور ليکڪ طارق اشرف ۽ ٻين ڪيترن ئي ناليوارن سياستدانن ۽ ورڪرن سان جيل ۾ رهيو. سندس فيصلن جي شروعات ڦوهه جوانيءَ کان ان وقت شروع ٿي جڏهن سندس ڳوٺ ۾ هڪ چوري جي شڪايت وٽس آئي. ان فيصلي بعد هن وٽ راڄن ڀاڳن جا فيصلا ٿيڻ لڳا، هي سنڌ ڇا بلوچستان پنجاب تائين فيصلا ڪرڻ ويندو هو. جتوئي مهر تڪرار هجي يا مارفاڻي بروهي جهيڙو هجي يا مهر چاچڙ تڪرار هجي، اهڙا هزارين فيصلا شاهنواز جوڻيجو جي ذهانت جي ڪمال سان حل ٿيا. هو وڏن ماڻهن، سرمائيدارن ۽ زميندارن سان دوستي هجڻ باوجود غريبن سان گهڻي محبت ڪندو هو. شاهنواز جوڻيجو ڪڏهن به پاڻ کي وڏيرو نه سڏائيندو هو. ڪچهرين ۾ ماڻهو کيس چوندا هئا ته توهان کي اقتدار ۾ ڪافي موقعا مليا آهن، توهان پنهنجي لاءِ ڪجهه ملڪيت ڇو نه ٿا ٺاهيو، جنهن تي مرڪندي چوندو هو ته، منهنجي ملڪيت هي غريب عوام آهي جن وٽ ملڪيت آهي انهن کي رات جو سڪون سان ننڊ به نٿي اچي، آئون اهڙي ملڪيت ڇو گڏ ڪيان جيڪا منهنجو سڪون برباد ڪري. شاهنواز جوڻيجو پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي وڏي پٽ روشن الدين جوڻيجو کي ضلعي ناظم سانگهڙ ۽ پنهنجي ٻئي پٽ محمد خان جوڻيجو کي ايم اين اي ۽ سندس دوست ۽ مشهور ڪاروباري صنعتڪار ملڪ امام الدين شوقين کي ايم پي اي چونڊرايو ۽ اڄ سندس وڏو پٽ روشن الدين جوڻيجو ايم اين اي آهي. شاهنواز جوڻيجو پنهنجي جواني کان آخر تائين ڀلن گهوڙن جو شوق ۽ ذوق رکندو هو. سنڌ سونهاري جو شايد ئي ڪو اهڙو ميلو هوندو جنهن ۾ سندس گهوڙن ڊوڙون نه پاتيون هجن. شاهنواز جوڻيجو سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي راڄ کي پنهنجو سمجهندو هو. هر ننڍي توڙي وڏي سان هڪجهڙو سلوڪ ڪندڙ خوش مزاج مٿير مڙس کي اڄ به ماڻهو ڪچهرين ۾ حوالي طور ياد ڪن ٿا، ڇو ته هو هڪ نه وسرندڙ شخصيت هو. اڄ سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي ڇهين ورسي آهي، جنهن لاءِ سنجر جوڻيجو ۾ 60 هزار ماڻهن جي ويهڻ ۽ مانيءَ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. اهڙا عظيم سياستدان سچ پچ اسان لاءِ وڏو مثال آهن.










شاهنواز جوڻيجو
ھر دلعزيز عوامي شخصيت
نويد هيسباڻي
ٽنڊوآدم لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ سنجر خان جوڻيجو ۾ 1932ع ۾ حاجي سنجر خان جوڻيجو جي گهر ۾ شاهنواز جوڻيجو پيدا ٿيو. حاجي سنجر خان جوڻيجو مذهبي ماڻهو هو ۽ تر ۾ سندس وڏي عزت هئي. ڄام ڪانڀو خان کان وٺي عام ماڻهن تائين سندس عزت ڪندا هئا. شاهنواز جوڻيجو منفرد شخصيت جو مالڪ هو. سنڌ ۾ ڪلاسيڪل بي تاج بادساهه فري اسٽائيل وڏيري طور مشهوري ماڻيندڙ شاهنواز جوڻيجو کي اسان کان وڇڙي اڄ نو سال گذري ويا آهن پر هو اڄ به غريب عوام جي دلين ۾ موجود آهي ۽ سندس انيڪ ساروڻيون ۽ ڪردار صدين تائين ياد رهندو. شاهنواز جوڻيجو هڪ ننڍڙو ۽ عام زميندار هو، روزانو سوين ماڻهو فيصلن ۾ ايندا هئا ۽ انهن ماڻهن کي ماني کارائڻ کان سوا نه ڇڏڻ واريون روايتون علائقي توڙي سنڌ واسين کان ڪڏهن به نه وسرنديون. ڪير چاچا شاهنواز جوڻيجو مان ڪيتريون خاميون ڪڍي پر منجهس جيڪي خوبيون هيون اهي ايتريون ته وزندار هيون جو شاهنواز جوڻيجو خلاف سخت پروپئگنڊا جي باوجود به هن تي اثرانداز ٿي نه سگهيون. شاهنواز جوڻيجو هڪ بهادر بيباڪ ارڏو ۽ ذهين شخصيت هو. هالا جي مخدوم خاندان سان سندس شروع کان وٺي نيازمندي رهي. پاڻ مخدوم طالب الموليٰ جن کان ڏاڍا متاثر هئا، جواني کان وٺي هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا مخدوم هائوس تي ضرور ويندا هئا. بعد ۾ پاڻ مخدوم هائوس تي ٿيندڙ فيصلا مخدوم طالب الموليٰ جن جي سربراهي ۾ ڪندو هو. مخدوم صاحب چاچا شاهنواز جوڻيجو کي ڏاڍو ڀائيندا هئا ۽ پنهنجي پيچيده ۽ منجهيل مسئلن بابت به شاهنواز جُڻيجو سان مشورا ڪندا هئا. مخدوم هائوس تي اچڻ وڃڻ دوران سندس مخدوم امين فيهم سان ويجهڙائپ، گهري دوستي ۾ تبديل ٿي وئي. چاچا شاهنواز جوڻيجو فيصلا منصفانه ۽ مکڻ مان وار ڪڍڻ واري چوڻي جيان ڪندو هو. هر ماڻهو جي اها خواهش هوندي هئي ته فيصلو چاچا شاهنواز جوڻيجو کان ئي ڪرايان ۽سندس ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ سندس اوطاق تي فيصلا ڪرائڻ وارن ماڻهن جا ميلا متل هوندا هئا. رب سائين چاچا شاهنواز جوڻيجو ۾ جيڪي خوبيون رکيون، انهن کيس آسمان تي پهچائي ڇڏيو. شاهنواز جوڻيجو سنڌ جو هڪ روايتي وڏيرو هو، جنهن سنڌ جي ثقافت سان آخري دم تائين نڀايو، جنهن ڪري کيس ڪلاسيڪل وڏيري جو لقب مليو. پاڻ اڪثر بوسڪي يا اجرڪ جو پٽڪو ٻڌندا هئا. چاچا شاهنواز جوڻيجو جي ڳالهائڻ جو انداز ئي نرالو هو. پرائي کي به پنهنجو ڪري ڇڏيندو هو. اهو ئي سبب هو جو نه صرف علائقي جا پر سڄي سنڌ جا ماڻهو سندس عاشق هئا. شاهنواز جوڻيجو جي مخالفن پاران غلط پروپئگنڊا ڪرڻ تي ٽنڊوآدم شهر جا ڪافي ماڻهو سندس نالي کان چڙ کائيندا هئا، انهن جي تصور ۾ اها ڳالهه هئي ته هو ڏوهارين جي سرپرستي ڪري ٿو پر اڳتي هلي جڏهن 2001ع ۾ شهرين سان ويجهڙائپ ٿي ته سندس عمل، محبت ۽ عوامي خدمتن کي ڏسندي شهر وارن جون غلط فهميون دور ٿي ويون ۽ شهري ساڻس محبت ڪرڻ لڳا ۽ شهرين پاران کيس عوام دوست شخصيت جي بلاامتياز خدمت ڪرڻ جي اعتراف طور هڪ وڏي تقريب ۾ سونو تاج پارايو. شاهنواز جوڻيجو اعليٰ تعليم يافته ته نه هو پر هو علم جي ڄاڻ رکندو هو. هو تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو. سياستدانن سان ان طريقي سان پيش ايندو هو. مرحوم شاهنواز جوڻيجو پنهنجي ڪيريئر ۾ وڏو ڌماڪو 1988ع ۾ ان وقت ڪيو، جڏهن کيس پ پ قومي اسيمبلي جو ٽڪيٽ ڏنو ۽ سندس مقابلو اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ڪيو پر شاهنواز جوڻيجو اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي شڪست ڏني ۽ محترمه بينظير ڀٽو کيس وزير مملڪت بلديات بڻايو. چوندا آهن ته جيڪو ماڻهو اسلام آباد جي هوائن ۾ ويندو آهي هن کي تر ۽ ڳوٺ وسري ويندو آهي پر هن انهن سڀني ڳالهين ۽ روايتي اندازن کي غلط ثابت ڪيو هو. وزير مملڪت هوندي به هو هر ڇنڇر جي شام ڳوٺ ايندو هو، جتي هو راڄوڻي فيصلن سان گڏ عام ماڻهن جا مسئلا ٻڌندو هو. چاچا شاهنواز جوڻيجو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. مثال طور هڪ سياستدان، گهوڙن جو شوقين، راڄوڻي فيصلن جو سرپئنچ، خاندان جو سرپرست بڻايو ۽ ڳوٺ اچڻ جو پاڻ کي عادي بڻائي ڇڏيو. مرحوم شاهنواز جوڻيجو سچ گوئي ۽ منهن تي چوڻ ۾ مشهور هو. پوءِ ڀلي سامهون ڪيڏو به ماڻهو ويٺل هجي جڏهن سندس پٽ روشن جوڻيجو سانگهڙ ضلعي جو ناظم هو پ پ مسلم ليگ فنڪشنل سندس خلاف بي اعتمادي رٿ آندي اتفاق سان انهن ئي ڏينهن پير صدر الدين شاهه ٽنڊوآدم جي دوري کان پهتو هو ۽ هو دوري دوران ڳوٺ سنجر جوڻيجو به ويو هو، شاهنواز جوڻيجو پير صدر الدين شاهه راشدي سان گڏ ئي ويٺل هو، انهن وقت ميڊيا وارن ساڻس سوال ڪيو ته توهان ۽ سانگهڙ ضلعي ۾ مسلم ليگ (ف) سان پ پ گڏجي روشن جوڻيجو خلاف بي اعتمادي واري رٿ آندي آهي. توهان ان بابت ڇا چوندا ته هن زوردار آواز ٻانهن کي اڇل ڏئي چيو ته جيڪو به ٿيو ان کي مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏبو گوڏا نه کوڙيا ويندا، سندس ان جملي تي هال ۾ ويٺل ماڻهو کيس ڏسڻ لڳا ۽ صحافين به کانئس ڪو سوال نه ڪيو. اهي خوبيون هر ماڻهن ۾ نه هونديون آهن. مرحوم شاهنواز جوڻيجو وڏن ماڻهن، سرمائيدارن، زميندارن سان محبت ڪرڻ بجاءِ غريبن سان گهڻي محبت ڪندو هو. هن ڪڏهن به پاڻ کي وڏيرو نه سڏائيندو هو ۽ ڪافي ڀيرا ڪچهرين ۾ ماڻهو کيس چوندا هئا ته توهان کي اقتدار ۾ ڪافي موقعا مليا آهن. توهان پنهنجي لاءِ ڪجهه ملڪيت ڇو نه ڪئي؟ جنهن تي مرڪندي چيو ته منهنجي ملڪيت هي غريب عوام آهي. جن وٽ ملڪيت آهي هنن کي رات جو ننڊ به نه ٿي اچي. آئون اهڙي مڪيت کي گڏ ڇو ڪيان؟ جيڪو منهنجو سڪون برباد ڪري. چاچا شاهنواز جوڻيجو الله پاڪ کانسواءِ ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان ڪو نه جهڪيو. سياست جي رستي ۾ هن گهڻا ڏک ڏٺا پر سچ جو دامن نه ڇڏيو. سندن ۾ هڪ وڏي خاصيت اها هئي ته پاڻ ڪڏهن به ڪنهن لاءِ برو نه سوچيو ۽ ڪڏهن به ڪاوڙ دل ۾ نه رکي، جنهن کي به ڪجهه چوندو هو ته روبرو سچ چئي ڏيندو هو. مرحوم هر هڪ سان هڪ جهڙو پيش ايندو هو ۽ چاچا پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي ڪارناما انجام ڏنا. پاڻ ڪنهن به قسم جي تعصب کان هٽي ڪري ماڻهن جو ڪم ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئا. اهو ئي سبب هو ته پنهنجا مخالف سياسي پارٽين وارا کين عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسندا هئا. شاهنواز جوڻيجو نه صرف وڏيرڪي طبقي ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو پر هو سماجي، سياسي، ادبي حلقن ۾ ايترو ئي ڳايو ويندو هو. سختيون ۽ زيادتيون ٿيڻ جي باوجود ڪڏهن به کيس مايوس نه ڏٺو ويو. سدائين شينهن جيان گجگوڙ ڪندي ملندو هو. سندن ڪيل فيصلا غريب عوام لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. جڏهن سانگهڙ ضلعي جي تاريخ لکبي ته شاهنواز جوڻيجو نالو سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو. مرحوم شاهنواز جوڻيجو کي اسان کان وڇڙي 9 سال گذري ويا آهن پر اڄ به غريب عوام جي دلين ۾ شاهنواز جوڻيجو زنده آهي. جنهن جو ثبوت هتان جي عوام گذريل اليڪشن ۾ سندس وڏي فرزند روشن جوڻيجو کي قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ٻيو ڀيرو ڪامياب ڪرايو ۽ سندس ٻئي پٽ محمد خان جوڻيجو کي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪامياب ڪرايو. هن وقت سندس پوٽو اصغر علي جنيد جوڻيجو پڻ صوبائي صلاحڪار آهي. 14 جولاءِ رمضان المبارڪ جي ڪري مرحوم شاهنواز جوڻيجو جي نائين ورسي نهايت سادگي سان ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ ملهائي ويندي.