; سنڌي شخصيتون

22 November, 2026

نازو ڌاريجو

نازو ڌاريجو

اڄ جي مائي بختاور – اٺونجاھين سالگرھ

اسد ڪيريو



شھيد راجا ڏاهر جي نياڻين سورج ديويءَ ۽ پرمل ديويءَ کان وٺي، ھارياڻين جي حقن لاءِ جدوجھد جي علامت مائي بختاور تائين ۽ مائي بختاور کان وٺي منھنجي ضلعي نوابشاھ جي تعلقي قاضي احمد جي ڏيڙان شھر جي ارڏي نياڻي مختيار ناز المعروف نازو ڌاريجو تائين، ھي جيڪي ڌرتيءَ ڌيئرون جھد مسلسل جون علامتون رھيون آھن، اھي نه رڳو ملير جي مارئي وانگي لوئِيءَ ۽ لڄ جون ضامن رھيون آھن پر اھي عظيم نياڻيون ميل ڊامينيٽ معاشري ۾ اسان جي آباديءَ جي اڌ حصي عورتن لاءِ اتساھ جو ذريعو پڻ رھيون آھن، اھي عظيم نياڻيون /عورتون سماج جي پيڙهيل طبقي عورتن جون رول ماڊل پڻ رھيون آھن .

احمد منصور خان

احمد منصور خان

پي ٽي ويءَ جي تصويري تاريخ جو محافظ

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي



ڪي ماڻهو تاريخ لکندا آهن، ڪي ماڻهو تاريخ ٺاهيندا آهن، پر ڪي اهڙا ڀاڳوند به هوندا آهن، جيڪي تاريخ کي پنهنجي ڪئمرا جي اک سان محفوظ ڪري ڇڏيندا آهن. احمد منصور خان جي ڳڻپ به اهڙن ئي ماڻهن ۾ ٿئي ٿي توهان جيئن ئي پي ٽي وي ڪراچي جي مرڪز جي عمارت ۾ داخل ٿيندا ته ڪاٺ جي ڀتين تي ٽنگيل تصويرون اوهان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺنديون. ڪنهن تصوير ۾ ڊرامي جو ڪو يادگار منظر آهي، ڪنهن ۾ اسٽيج شو جون رونقون آهن، ڪنهن ۾ ٻارن جي پروگرام ۾ آيل پتڪڙن چهرن جون معصوم مسڪراهتون محفوظ آهن، ڪنهن ۾ موسيقي جي محفل جون ڪي تاريخي گهڙيون ترسيل آهن ۽ ڪٿي وري ڪنهن مشهور اداڪار، اديب، شاعر، موسيقار، ميزبان نيوز ڪاسٽر جون تصويرون لڳل آهن، جن کي ڏسي ڪري ماضي جا ڪيئي دروازا هڪدم کلڻ لڳندا آهن اها رڳو تصويرن جي نمائش ڪونهي، پر پي ٽي وي ڪراچي مرڪز جي هڪ تصويري تاريخ آهي. هڪ اهڙو تصويري البم، جنهن جي هر صفحي تي هڪ دور ساهه کڻندي محسوس ٿيندو آهي. انهن تصويرن جي آڏو ڪجھه گهڙين لاءِ بيهي ڏسبو ته لڳندو ته ڄڻ وقت بيهجي ويو آهي، اهي فنڪار اهي چهرا، اهي محفلون، اهي ڊراما، اهي ٽهڪ، اها موسيقي، اهي تقريبون، سڀ ڄڻ ٻيهر جيئرا ٿي ويا آهن. ڪي چهرا هاڻي هن دنيا ۾ ناهن رهيا ۽ ڪي فنڪار وري عمر جي ان حصي ۾ داخل ٿي چڪا آهن، جتي ماضي سندن سموري ملڪيت هوندو آهي، پر انهن تصويرن ۾ اهي ائين زندهه آهن ڄڻ اهي هاڻي هاڻي اسٽوڊيو مان نڪري راهداري ۾ اچي ويا هجن.

اياز لطيف پليجو

اياز لطيف پليجو

سنڌ جي سياست ۾ شعور، دليل ۽ لڳاتار جدوجهد جو سرتاج

منان شيخ



۱۵ نومبر سنڌ جي سياسي، علمي، ادبي ۽ قومي جدوجهد جي هڪ اهم شخصيت، محترم اياز لطيف پليجو صاحب جي جنم جو ڏينهن آهي. شخصيتن جي جنم ڏينهن ملهائڻ جو اصل مقصد رڳو کين مبارڪون ڏيڻ يا سندن تعريف ڪرڻ ناهي، پر سندن زندگيءَ جي جدوجهد، فڪر، سياسي ڪردار، قوم ۽ سماج لاءِ ڪيل خدمتن جو جائزو وٺڻ به آهي. اياز لطيف پليجو صاحب جي سياسي ۽ علمي سفر کي ڏسجي ته هو انهن شخصيتن مان آهي، جن پنهنجي سڃاڻپ رڳو سياسي نعريبازيءَ سان نه، پر مطالعي، دليل، قانوني ڄاڻ، عوامي رابطن ۽ مسلسل جدوجهد سان قائم ڪئي آهي.

بدرالدين صديقي

بدرالدين صديقي

تاريخ ساز شخصيت – ڀلا چرين کي سڱ ٿيندا آهن ڇا؟

مختيار چنو



هن کي پنهنجو ڳوٺ گڏيجي ڇڏِئِي، وڏو عرصو ٿيو آهي. ان جي اسان کي پوري سانڀر ڪونهي. اسان هن کي شادي وهانءُ، مُوتي فوتي، فيصلي ڦڙي، سياسي جوڙ توڙ ۾ هميشه اڳيان اڳيان ڏٺوسين. اسان کي به گهڻو پوءِ خبر پئي، هيءُ ته خيرپور  رهندو آهي.

هن کي پنهنجي ڳوٺ سان ايتري گهري اُنسيت ڇو هوندي هئي؟ اهيو سوال هميشه سوال ئي رهيو آهي؟

اسان عشق جا حمايتي ته سڀ آھيون. پر خيال ضرور رکندا آهيون ته ”نانگ به مري ۽ لٺ به ڀڄي.” سئو بار نفعي نقصان جي باري ۾ سوچي پوءِ قدم وڌائيندا آهيون.

ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي

ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي

سنڌي ٻوليء جو خوبصورت شاعر، اديب،  نقاد  ۽ سگا جو مرڪزي اڳواڻ

پروفيسر شمشاد احمد سومرو



”سگا“ مرڪز ۾ ٻه ٽينوئر سيڪريٽري هيلٿ رهندڙ، بھترين اديب ۽ شاعر، سماج سڌارڪ، نقاد، گهڻ پاڙهو شخصيت، ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي، موري شھر جي اولھندي پاسي دادواھه کان ٿورو مٿڀرو ڳوٺ حافظ خان محمد سولنگيءَ ۾، ۴ فيبروري ۱۹۵۲ع تي محترم جمعي خان جي گهر ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر صاحب جا وڏا (ابا ڏاڏا) ڏيپارجا جا رهواسي هئا ۽ ڏيپارجا جي بزرگن بخاري سائين ۽ نظر محمد جيلاني جا مجاور هئا. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ مطابق منھنجو ڏاڏو ميون مينھون (بن سليمان بن سينڌن) ٻنھي مزارن جو مجاور هو جنھن جي قبر ڏيپارجا ۾ بخاري سائينءَ جي مزار جي ويجهو آهي، جتان ڊاڪٽر صاحب جو والد لڏي اچي پنھنجن عزيزن وٽ موري ويجهو ڳوٺ حافظ خان محمد سولنگيءَ ۾ اچي رهيو.

21 November, 2026

فياض چنڊ ڪليري

فياض چنڊ ڪليري

نه اڀريو چنڊ ڪو دل تي۔۔۔۔!

ماڻڪ ملاح



پيارا فياض چنڊ ڪليري !

تنھنجي وڃڻ واري وائيء جي سڌ، مون کي ستار سندر جي، ڇڏيل فيس بوڪ جي خبر ڏني، تنھنجي اھڙي خبر نوي جي زماني کان تنھنجي ادبي سنگ جا سڀئي پل روئاريا، ته توسان جيئرو رھندي، به ملي ڪو نه سگھيس ۔تنھنجي بيماريء جي بستري تي ويھي، عنايت خاصخيليء پاران، نه پڇي سگھندڙ دوستن جي دل کي، ڇنڊڪو ڏيندڙ گيت ۽ تنھنجو ڪينسر کاڌل ٽھڪ، مون جھڙن ڪيترن جي، بي حسيء جي لاک لاھيندو رھيو۔ ۽ حاڪميت جي تختگاھ جھڙي شھر، نواب شاھ ۾، شيش محل جھڙي پريس ڪلب جو، تون به صحافي ٿي رھئين، پوء به تنھنجي علاج لاء ڪوڪ بڻجي نه سگھيو، بليڊ جي تيز تکي چھڪ جھڙو، تنھنجي وڇوڙي جي افسوس ۾، ايم پي اي غلام قادر چانڊيي پاران، اسيمبلي فلور تي، پيش ڪيل ٺھراء، توکي جيئري نه پڇڻ جي چغلي ھڻي رھيو ھو ۽ آرٽ ڪائونسل جو وڏو ھال ۽ ان جي ديوارن ۾، دفن ٿيل رقم، تنھنجي موت جي خبر تي، بي خبريء جي الٽي پئي ڪئي، تنھنجي وڇوڙي سان، اھو ڏيا تيل ڦليل جھڙو، مير منظور راڄپر به ڏاڍو ياد آيو، جنھن جي مري وڃڻ جي، خبر ليڪيج نه ٿي سگھي، تون جيڪو پنھنجي ٽھيء ۾، اسان جو ساھ پساھ ھئين، تو کان اھا کجيء جي ديس ۾، لطيف يونيورسٽيء جي شام به ڪا نه وسري ھوندي، جيڪا توسان، پريت ۽ فرزانا شاھين سان گڏ ملھائي وئي ۽ سنڌي ادبي سنگت، نوابشاھ جي پروھت سائين منظور قريشيء جي، موجودگيء ۾، توسان نوي جي ڏھاڪي واري رھاڻ، به تنھنجي ڏات جي ڏيھ ۾ ٻري اجھامڻ ۽ اجھامي ٻرڻ جي ساکي آھي، ته تو سنڌ جي ڳالھ تي، ساھي نه پئي کنئي، توڙي پيٽ بکئي سان، تنھنجي معصوم ٻچن لاء ”ڳڻتي“ توکي صحافت جي، مزدوري ڪرائڻ واسطي، مطئمن ڪندي رھي ۽ تو کي سردار شاھ سان، عبرت ڊيسڪ تي، گڏ ڪم ڪرڻ واسطي، وزارتي ڪرسي تان، بلاول انسٽيٽيوٽ وارو آرڊر، کسجڻ تي ايڏي حيراني به ته ڪا نه ٿي، جو تون سنڌ جي عمدي ديوانگي رکندڙ، شاعر ھئين ۽ تون سنگت کان پاسيرو رھندي، به ويجھو ھوندو ھئين ۽ ڪالھ تو وٽ، تڏي تي به پھرين، اھي دوست مينھن واء ڪري پھتا ھئا، جن سان تنھنجا اصولي جھيڙا، ھرگز به پھاجن جھڙا به ته نه ھئا ۽ توسان گھور وڃڻ جون، ڳالھيون ڪندڙ، مون جيئن بيماريء جي، عزرن ۾ مصروف ھئا، ته تون مٽي ماء جي جھوليء ۾، سمھي رھيو ھئين ۽ تنھنجو ساڳيو ڪينسر کاڌل ٽھڪ، ڄڻ اسيمبلي فلور کان وٺي، مون جھڙن، انھن سڀني دوستن کي، لاجواب ڪندو رھيو، جيڪي تنھنجي مرڻ کانپوء، خيرخواھ ھجڻ جي، خيرات ڪري رھيا ھئا۔ ۽ تون جيڪو پنھنجي قافلي ۾ نظم ۽ نثر جو امام ھئين، پنھنجي ڇپيل ڪتاب جي، ٽائيٽل کي آرسي ڪري، نھاريندو رھئين، ڄن چوندو ھجين ته،

20 November, 2026

محمد صديق منگيو

محمد صديق منگيو

سڪرنڊ جو ناليوارو صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر

محمد عالم ڪيريو



محمد صديق ولد عبدالرحمٰن ”عبد“ منگيي جو جنم ۰۴ جنوري ۱۹۵۶ع تي ڳوٺ ڇتن شاھ، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نواب شاھ ۾ ٿيو. پرائمري تعليم جا ڪجھ درجا ڇتن شاھ ۾ پڙهيو، باقي پنهنجي رهيل پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول سڪرنڊ اولڊ سنڌي ۾ پڙهيائين. جڏهن سندس والد گورنمينٽ پرائمري اسڪول مجيد ڪيريي جي اي پي ڪلاس ۾ استاد ٿي آيو، ته ڪجھ وقت پنهنجي والد سان گڏ ان اسڪول ۾ به پڙهيائين. مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ۱۹۷۳ع ۾ ڪيائين.

سنڌو پيرزادو

سنڌو پيرزادو

هڪ جفاڪش تخليقڪار

شاھ زمان ڀنگر



ڀرت ڀريندڙ ته کوڙ آهن، عورتون، نينگريون ۽ ڪجهه مرد به ان هنر سان واڳيل آهن، جنهن جو ڀرت بيحد پسند ڪيو ويندو آهي، چوندا آهن سندس هٿ سٺو آ، يعني سٺي ڀرت جي صلاحيت ڏات جيان مليل اٿس، پر ڪي هنرمند نياڻيون تمام گهڻي محنت ۽ ڌيان سان به اهڙي مهارت حاصل ڪري وٺن ٿيون/وٺن ٿا، انهن جا ٽوپا سنها، سڌا ۽ ترتيبوار هوندا، جڏهن هرمچي، ٻاري يا شيشي ٽاڪڻ توڙي رنگ ڀرڻ جو ڪم ڪندي ڪو ڌاڳو ٻئي مٿان چڙهيل نه هوندو، سنوت ۽ سائيز ۾ به ڪا کوٽ نه هوندي، اهڙو ڀرت ايترو مضبوط هوندو جو ڪپڙو يا ڌاڳا ڳري وڃن ته به ڀرت جا ٽاڪا نه نڪرندا، پر جيڪڏهن ٽوپن ۾ ڏکا هنيل هجن ته ڪجهه وقت اندر ئي ڌاڳا نڪرڻ شروع ٿي ويندا۔

18 November, 2026

مشتاق ڪاملاڻي

مشتاق ڪاملاڻي

جبر جو شڪار ٿيل هڪ تخليقي ذهن جي درد ڪٿا

ذلفي چاچڙ



ڪالهه سوشل ميڊيا ذريعي سُڌ پئي ته مشتاق ڪاملاڻي گذاري ويو. مشتاق ڪاملاڻي جو نالو شايد اڄ جي نوجوانن لاءِ اوپرو هجي، پر ادب سان دلچسپي رکندڙ ۽ اهلِ علم ماڻهو کيس هڪ غيرمعمولي ڪهاڻيڪار طور سڃاڻين ٿا. هو اهڙو تخليقي ذهن هو، جنهن پنهنجي قلم وسيلي پنهنجي دور جي جبر، خوف ۽ گھٽيل ماحول کي نهايت ئي شاندار انداز ۽ بيباڪيءَ سان ڪهاڻين جي صورت ۾ قلمبند ڪيو، پر افسوس ته سندس قلم جي اها جرئت کيس هڪ اهڙي عذاب ڏانهن وٺي وئي، جنهن سندس سڄي زندگيءَ جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو.

جاويد احمد جوڻيجو

جاويد احمد جوڻيجو

استاد محترم - اَمڙ جو اڪيلو سهارو، چئن نياڻين جي ڇَپر ڇانوَ ۽ هڪ بي لوث انسان جو اَلمناڪ وڇوڙو

سيد عظمت الله شاھ



ڪُجھ وڇوڙا رڳو گهرن کي ويران ناهن ڪندا، پر ڪيترين ئي زندگين مان مرڪ، سڪون ۽ سهارو کسي ويندا آهن. ڪي ماڻهو پنهنجي مختصر حياتيءَ ۾ اهڙا ته نقش ڇڏي ويندا آهن، جو سندن وڃڻ کان پوءِ به سندن وجود جي خوشبو دلين ۾ زندھ رهندي آهي. مرحوم سائين جاويد احمد جوڻيجو به اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ هو.

08 November, 2026

احمد سومرو

احمد سومرو

سندس لطيفي مونوگراف - “شاهه لطيف جو نفسياتي اڀياس” – هڪ نظر

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



ڊاڪٽر احمد سومري ۶ ڊسمبر ۱۹۸۲ع تي محمد عمر سومري جي گهر ٺارو شاهه ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڪراچيءَ جي مهراڻ ايجوڪيشنل فائونڊيشن اسڪول مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ سنڌ ماڊل اسڪول ۽ انٽرميڊئيٽ گورنمينٽ گلشن ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪرڻ بعد هُن ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان ايم اي ۽ پوءِ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ۲۰۱۷ع ۾ “سومرا دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو تحقيقي جائزو” عنوان سان مڪمل ڪئي. ڊاڪٽر نواز علي شوق جي رهبريءَ ۾ سندس تحقيقي ڪم مڪمل ٿيو. ڊاڪٽر احمد ايم اي سنڌيءَ جي فائنل ييئر ۾ لطيف سرڪار جي حوالي سان هڪ مونوگراف بعنوان “شاهه لطيف جو نفسياتي اڀياس” ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ ۾ ۲۰۰۷ع ۾ لکيو هو، جو ۲۰۲۱ع ۾ شايع ٿيو. ان کانسواءِ سندس ڏهاڪو کن ريسرچ پيپرز، ڪارونجهر، ڪلاچي ۽ ٻين ايڇ اِي سي جي منظور شده جرنلز ۾ ڇپجي چڪا آهن، جيئن “سومرا دور ۾ سنڌي شاعري”، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رومانويت جو فڪري پس منظر”، “تحقيقي مقالي ۾ حوالا ڏيڻ جا طريقا”، “شاهه لطيف جو تنقيدي شعور”، “شاهه لطيف جي تحليل نفسي”، “شاهه جي تخليقي قوت ۽ ڪيفيت”، “ادب جي نفسياتي تنقيد” ۽ ٻيا آهن.

06 November, 2026

سيد زوار نقوي

سيد زوار نقوي

جهانيان جي جهانديده شخصيت - علم و ادب جو هڪ روشن ستارو - پروفائل شخصيت

اقبال بلوچ



سنڌ جي سدا بهار شخصيت جيڪو علم ۽ ادب جو جرڪندڙ ستارو، هر وقت تحرڪ وارو مزاج ۽ سٺو سڀاء، سڀني دوستن سان پيار ڪندڙ، پر خلوص جذبا رکندڙ، محبت سان ڀريل شخص علم ۽ ادب جي هر صنف تي لکندڙ، هڪ باوقار، پر عزم، جهانيان جي جهانديده شخصيت "سائين سيد زوار علي نقوي"، جنهنجي علمي ادبي توڙي سماجي خدمتن تي ويهي لکجي ته ڪيئي ڪتاب لکجي ويندا، منهنجا لفظ کٽي پوندا ۽ لفظن جي هن ويڙه ۾ مان يقينن هارائي ويندس.

02 November, 2026

ساڀيان سانگي

ساڀيان سانگي

خواب پوکيندڙ شاعره

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو



سنڌي شاعريءَ جي ڪھڪشان جا ڪيئي ستارا اهڙا جرڪندڙ آهن، جن پنھنجن پُراثر خيالن جي خوبصورت فني جوڙجڪ سان، پنھنجيءَ جوت وسيلي، مسلسل تجلا پئي پکيڙيا آهن. اهڙن تابنده ستارن مان، هڪ بيحد خوبصورت ۽ خوابن جھڙي ستاري کي اسين ساڀيان سانگيءَ جي نالي سان سڃاڻون ٿا.