نازو ڌاريجو
اڄ جي مائي بختاور –
اٺونجاھين سالگرھ
اسد ڪيريو
شھيد
راجا ڏاهر جي نياڻين سورج ديويءَ ۽ پرمل ديويءَ کان وٺي، ھارياڻين جي حقن لاءِ جدوجھد
جي علامت مائي بختاور تائين ۽ مائي بختاور کان وٺي منھنجي ضلعي نوابشاھ جي تعلقي
قاضي احمد جي ڏيڙان شھر جي ارڏي نياڻي مختيار ناز المعروف نازو ڌاريجو تائين، ھي
جيڪي ڌرتيءَ ڌيئرون جھد مسلسل جون علامتون رھيون آھن، اھي نه رڳو ملير جي مارئي
وانگي لوئِيءَ ۽ لڄ جون ضامن رھيون آھن پر اھي عظيم نياڻيون ميل ڊامينيٽ معاشري ۾
اسان جي آباديءَ جي اڌ حصي عورتن لاءِ اتساھ جو ذريعو پڻ رھيون آھن، اھي عظيم
نياڻيون /عورتون سماج جي پيڙهيل طبقي عورتن جون رول ماڊل پڻ رھيون آھن .














