; سنڌي شخصيتون: عزيز ڪنگراڻي، محمد سليمان وساڻ،
Showing posts with label عزيز ڪنگراڻي، محمد سليمان وساڻ،. Show all posts
Showing posts with label عزيز ڪنگراڻي، محمد سليمان وساڻ،. Show all posts

15 April, 2023

عزيز ڪنگراڻي

عزيز ڪنگراڻي

ڪاڇي سان تعلق رکندڙ ليکڪ، ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، شاعر، محقق ۽ مؤرخ

محمد سليمان وساڻ



عزيز ڪنگراڻي جو اصل نالو عزيزالله ولد سومار خان ڪنگراڻي آهي. ھي سنڌ جو ناميارو ليکڪ ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، شاعر، محقق ۽ مؤرخ آھي. ھن سوين سنڌي اردو ڊراما لکيا آهن جيڪي پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي سينٽر ۽ نجي سنڌي چينلن تي ٽيلي ڪاسٽ ٿيا. هن قلمڪار جي شاعري، ڪهاڻين، تاريخ ۽ تحقيق بابت سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڪتاب شايع ٿيل آهن. شروعاتي زندگي ۽ تعليم ع. ڪنگراڻي ۴ جنوري ۱۹۵۸ع تي سنڌ جي جوهيءَ تعلقي، ضلعي دادوءَ، جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻيءَ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڀرواري ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائيمري اسڪول مان ۱۹۷۱ع ۾ حاصل ڪيائين. سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان ۱۹۷۷ع ۾ مڪمل ڪيائين. گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ مان انٽر ميڊيئيٽ ۱۹۷۹ع ۾ ۽ بي ايس سي جي ڊگري ۱۹۸۲ع ۾ حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي ايڊ ۱۹۸۹ع ۽ ايم اي اسلامڪ ڪلچر ۱۹۸۵ع ۾ ٻئي ڊگريون فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. جڏهن ته سنڌي ادب ڏانهن لاڙي سبب ۱۹۸۷ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم اي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪيائين جنهن تي کيس سنڌ يونيورسٽي پاران ميڊل ڏنو ويو. پيشو هن نوڪري جي شروعات سول اسپتال دادو ۾ ويڪسينيٽر طور اپريل ۱۹۸۱ع ۾ ڪئي. مئي ۱۹۸۱ع کان پرائيمري استاد مقرر ٿيو. آڪٽوبر ۱۹۸۴ع ۾ جي ايس ٽي استاد طور مڊل اسڪول مانجهند ۾ مقرر ٿيو ۽ ۱۹۸۵ع ۾ مڊل اسڪول حاجي خان ۾ بدلي ٿي آيو ۽ ۱۹۸۶ع کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ ۾سائنس ٽيچر (ايڇ ايس ٽي) طور مقرر ٿيو. ۱۹۹۳ع ۾ ليڪچراريءَ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنائين. اسلامڪ ڪلچر ۽ سنڌيءَ جي ٻنهي مضمونن ۾ چٽاڀيٽيءَ وارو امتحان پاس ڪيائين پر سنڌي جي مضمون جي چونڊ ڪري ۱۹۹۳ع ۾ ڊگري ڪاليج جوهيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، جتي ترقي ماڻي اسسٽنٽ پروفيسر طور ڊسمبر ۲۰۱۲ع تائين مقرر رهيو. ۳جنوري ۲۰۱۳ع کان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج واهي پانڌي، جوهي تعلقي، دادو ضلعي ۾ پرنسپال طور مقرر ٿيو. مئي ۲۰۱۷ع ۾ اسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو ۽ ۳ جنوري ۲۰۱۸ع ۾ پرنسپال طور رٽائر ٿيو.