سنجر فقير منڌرو
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان
اعظم ڀٽي
ٽنڊي محمد خان جي يونين ڪائونسل
لاکاٽ ۾ شاهه بخاري جو قبرستان ۽ درگاهه مشهور آهن. ان ئي يونين ڪائونسل ۾ هاڻ
منڌرن جي آبادي جا ڪي نشان نٿا ملن. ان علائقي ۾ هڪ درويش صفت بزرگ ۽ شاعر رهندو
هو. جيڪو سنجر فقير منڌري جي نالي سان مشهور هو. هن درويش سان ڪيتريون ئي روايتون
۽ ڏندڪٿائون منسوب هۡيون. جن مٿان هاڻ وقت جي دز چڙهي وئي آهي. سنجر فقير منڌرو
ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ آچار منڌرو ۾ ۱۹۰۴ع ڌاري
پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو محمد عثمان منڌرو هو. فقير جو ٻالڪپڻ اتي ئي گذريو.
صفا اڻپڙهيل هئڻ باوجود ارڙهن سالن جي عمر ۾ شاعري ڪيائين. ٻارنهن سالن جي عمر کان
ئي سندس لاڙو فقيريءَ ڏانهن هو، گهر ۾ رڳو ماني کائڻ واسطي ايندو هو. باقي ڏينهن
رات شاهه بخاري جي قبرستان ۾ رهيو پيو هوندو هو. ڄڻ ته سندس سمورو جهان ئي اهو هو.
سندس تڪيه ڪلام هوندو هو “ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”! ڍڳين سان کيس تمام
گهڻي اۡنس ۽ پيار هوندو هو، جنهن وقت به شاهه بخاري جي قبرستان کان ڍڳيون مٽينديون
هيون ته ڊوڙي وڃي کين پيار ڪندو هو. ڍڳين سان پيو ڳالهائيندو هو، انهن ڍڳين کان
موڪلائڻ وقت چوندو هو ته “هاڻي هلو، ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”!
پنجيتاليهه سالن جي ڄمار ۾ ۱۹۴۹ع ڌاري
وفات ڪيائين. کيس ان ئي قبرستان ۾ سۡپردخاڪ ڪيو ويو.
