; سنڌي شخصيتون: اظهر علي ڪلھوڙو، رياض ڪلھوڙو،
Showing posts with label اظهر علي ڪلھوڙو، رياض ڪلھوڙو،. Show all posts
Showing posts with label اظهر علي ڪلھوڙو، رياض ڪلھوڙو،. Show all posts

21 December, 2024

اظهر علي ڪلھوڙو

اظهر علي ڪلھوڙو

ھڪ مثالي شخصيت

رياض ڪلھوڙو



اظھر علي ولد غلام يحيٰ ڪلھوڙو سنڌ جي ان شخصيتن مان آهي، جن پنهنجي زندگي تعليم، تحقيق ۽ خدمت جي نالي ڪئي آهي. ۱۹۷۹ع ۾ ڄمندڙ اظھر ڪلھوڙو پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ، نئين ديري، مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ سکر بورڊ ۽ انٽرميڊيٽ لاڙڪاڻي بورڊ مان پاس ڪرڻ کان پوءِ، اعليٰ تعليم لاءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو رخ ڪيائين، جتان بي ڪام ۽ ايم اي جا امتحان ڪاميابي سان پاس ڪيائين. اظھر ڪلھوڙو صرف نظرياتي تعليم تائين محدود نه رهيو، بلڪه ٽيڪنالاجي ۾ به مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي هڪ خانگي اداري مان ڪمپيوٽر ۾ ٻن سالن جو ڊپلوما مڪمل ڪري، نئين ديري ۾ هڪ ڪمپيوٽر سينٽر قائم ڪيائين، جيڪو "ڪلاسڪ اڪيڊمي آف ڪمپيوٽر سائنس" جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس هي ادارو نه صرف نئين ديري، پر آس پاس جي علائقن لاءِ هڪ تعليمي مرڪز بڻجي ويو، جتان سوين شاگردن تعليم حاصل ڪري پنهنجي زندگي ۾ اڳڀرائي ڪئي.