آصف علي زرداري
جو صدارتي حلف ۽ سنڌ ۾ قائم اميدون
مير نادر علي ابڙو
اڄ
آصف علي زرداري ملڪ جي چوڏهين صدر طور قسم کڻي رهيو آهي ته ٻئي طرف صدارتي اليڪشن
۾ آصف علي زرداري جي ڪاميابي تي سموري ملڪ ۾ جشن ملهايا پيا وڃن. ماڻهو هڪ ٻئي کي
مبارڪ ڏئي ڏئي نه پيا ڊاپن. ڀنگڙا ڊانس پئي ڪئي وڃي. فضا ۾ “زندهه هي بي بي زندهه
هي” جا نعرا پيا گونجن. ماڻهن ۾ عيد کان وڌيڪ خوشي ڏسجڻ ۾ ملي پئي. لاڙڪاڻي کان
نوابشاهه، ڪارونجهر کان ڪشمور تائين رقص ڪيو پيو وڃي. ماڻهن جي خوشين جو اندازو
لڳائڻ ڏکيو آهي. گهڻي وقت بعد ماڻهن ۾ هڪ ئي امنگ جنم ورتو آهي. هيل تائين محترم آصف علي زرداري جي زندگي تي مختلف اخبارن ۽
ٽي وي چئنلن کوڙ سارا تجزيا ڏيکاريا. پڙهيا شايع ڪيا آهن. پر انهن منجهه ڪافي
ڳالهيون اهڙيون آهن، جن جو ذڪر ناهي ٿي سگهيو. جن جو ذڪر هن موقعي تي ٿيڻ کپي،
بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ چاچا حاڪم علي زرداري جا تمام ويجهائي وارا
ناتا هئا ۽ ٻئي ڪامريڊي لڏي جا قائل ۽ نظرياتي طور تي ڪامريڊ رهيا. ٻنهي ڄڻن نيشنل
عوامي پارٽي ۾ گڏجي ڪم ڪيو.
