اندرا شبنم پونا والا
هندستان ۾ سنڌي ادب لاءِ
پاڻ پتوڙيندڙ شاعره ۽ ۱۷ ڪتابن جي خالق جون ”روزاني سڪار“ سان بي تڪلف ڳالهيون
ڳالهه ٻولهه:
ساجد سنڌي/ رضوان گل
• مختصر سوانح حيات:
مڪمل نالو: شريمتي اندرا پونا
والا (شبدا پوري)
ادبي سڃاڻپ: اندرا شبنم پونا
والا، پيدائش ۲۴ نومبر ۱۹۵۰ع (ڪراچي سنڌ)، مادري ٻولي: سنڌي، تعليم: بي. اي/بي. ايڊ
(ساهتيا رتن سينئر سند)
• ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙا؟
شبنمي قطرا (سنڌي شاعري ۾ ايوارڊ
يافته ڪتاب)، عبادت: ڪهاڻيون (سنڌي ۽ هندي)، سالن جو سک (شاعري)، تسوين (شاعري
هندي ٻولي ۾)، سرگوشيان (هندي غزل)، سلسلي (هندي شاعري)، جاڳيل ضمير (سنڌي شاعري
ايوارڊ يافته ڪتاب)، ضمير اپنا اپنا (هندي ۽ اردو ۾)، ميري منتخب نظمين (اردو
شاعري ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن)