غلام انور سهتو
املهه ماڻڪ شخصيت
غلام حسين خاصخيلي
غلام
انور سهتو روزاني ”عبرت“ ۾ ۱۴ آگسٽ ۱۹۵۸ع ۾ شروعات ڪئي ۽ سندس ساٿ زندگي جي آخري
گهڙين تائين عبرت گروپ آف پبليڪيشن سان سلهاڙيل رهيو. غلام انور سهتو سموري زندگي
روزاني ”عبرت“ ۽ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي ساٿ ۾ ساٿ نڀائيندي اخبار جي سرڪيوليشن
کان وٺي اخبار جي سمورن معاملن ۾ سندس ساٿ وسارڻ جوڳو ناهي. غلام انور سهتو
زندگيءَ جو سفر عبرت سان نڀائيندي پورو ڪيو. هِن دنيا مان هر ڪنهن کي اُن منزل ڏانهن
راهي ٿيڻو آهي جنهن منزل ڏانهن انور سهتو روانو ٿي ويو آهي. اهڙيون املهه ماڻڪ
شخصيتون پنهنجي زندگيءَ ۾ بهتر ڪم ڪرڻ جي ڪري کين زندگيءَ ۾ مڃتا ملي ٿي. عبرت
گروپ آف پبليڪيشن ۾ روزاني ”عبرت“ جي شروعات وارن ڏهاڙن ۾ قاضي عبدالمجيد عابد
طرفان جڏهن اخبار جي شروعات ڪئي وئي ته ان وقت انور سهتي عبرت اخبار ۾ ملازمت وٺندي
عبرت سان ساٿ آخرين گهڙين تائين نڀايو. قاضي عبدالمجيد عابد کان وٺي قاضي اسد عابد
تائين غلام انور سهتو عبرت گروپ آف پبليڪيشن سان ساٿ نڀائيندي اخبار جي لاءِ جيڪا
محنت ڪئي اها تعريف جوڳي آهي. اهڙين املهه شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪندي سنڌ جي سدا
حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو هي بيت کيس ارپيون ٿا.