توفيق سولنگي
ڄامشوري جي چنچل هوائن
جو البيلو مصور
رشيد احمد خاصخيلي
اُھو
چوڻ ۾ ڪو واڌارو نه ٿيندو ته سنڌ ئي اُھا ڌرتيءَ آھي جتي علم جو پھريون سج اُڀريو،
ھن مٽيءَ کي اُھو به مان مرتبو رھيو آھي ته ھي مٽيءَ ازل کان شاعر ۽ مصور پيدا ڪندي
رھي آھي.
ھر دور
۾ ھڪ کان ھڪ لازوال شاعر ۽ مصور پيدا ٿيندا رھيا آھن، پر پوءِ به انھن شاعرن ۽
مصورن کي اُھو احساس رھندو آيو آھي ته اڃان ڪو نرمل احساس آھي اڃا ڪا شاعري آھي اڃان
ڪا چترڪاري آھي جيڪا اسان کان رھجي وئي
آھي.