مرتضيٰ
اعظم عباسي
اعظمَ جي عشقَ ذوقَ هڻي هنڌ ڪري ڇڏيو!
ناصر قاضي
يقيناً اها سياري جي هڪ سرد ۽ سرمئي شام هئي ۽ ان وقت مان
اڃا هاءِ اسڪول جو ڇوڪراٽ ٻالڪ هئس. ان سمي پنهنجي جنم ڀوميءَ ’رتيديري‘ جي قديمي آستان،
’سيد نادر شاهه ۽ سيد صالح شاهه جي درگاهه‘ تي منعقد ٿيل سيد نادر شاهه جي سالياني
ميلي جي وچئين ڏينهن واري ادبي ڪانفرنس تان منهنجي واپسي ٿي هئي. آءٌ ان وقت درگاهه
تان ’المنظر ڪتاب گھر‘ تي آيس، ڇا ڏسان ته هتي به هڪ ادبي ڪانفرنس جهڙي ڪچهري هلي رهي
هئي، جنهن ڪچهريءَ ۾ سيد نادر شاهه واري ادبي ڪانفرنس تان موٽيل سائين سرڪش سنڌيءَ،
مقصود گلَ، سڄڻ سنڌيءَ، مختار گھمري، ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جهڙا اديب به خاموشيءَ سان
انهن ٻنهي شاهڪار ڪردارن جي علمي ادبي گفتگوءَ مان حظ حاصل ڪري رهيا هئا. هڪ طرف تحقيق
جو بي تاج بادشاهه ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي علم جو مڪمل سمنڊ لڳي رهيو هو ته وري
ٻئي طرف پنجن زبانن جو پڪو پختو شاعر مرتضى اعظم عباسي به ڄاڻ جي کاڻ بڻيل هو، هو ٻئي
محوِ گفتگو هئا ۽ وچ شهر جي گونان گون بازار ۾ ان هڪ دڪان اندر ٻن ماضيءَ جي امر اديبن
جي آوازن کان سواءِ ٻي مڙوئي سانت ڇانيل هئي. مان ان وقت هڪ اسڪولي ٻار هئس ۽ اهو ته
نه سمجھي سگھيس ته سندن بحث هيٺ موضوع ڪهڙو آهي، پر اهو اڄ به ياد اٿم تي اهي ٻئي امر
اديب، ان وقت پاڻ ۾ رتيديري شهر جي قدامت ۽ ان جي قديم آثارن بابت ڳالهه ٻولهه ڪري
رهيا هئا.