; سنڌي شخصيتون: October 2020

02 October, 2020

پروفيسر لياقت عزيز

پروفيسر لياقت عزيز

جدوجهد جو عڪس

گل مورو



هماليا جهڙو حوصلو رکندڙ باصلاحيت جدوجهد جو عڪس بڻيل پروفيسر لياقت عزيز ئي هيو. مون کي ياد پوي ٿو جڏهن ارباب رحيم جي دور ۾ ڪراچي پريس ڪلب کان لانگ مارچ  سنڌ ايمپلائيز الائنس جي پليٽ فارم تان سندس سرواڻي ۾ مورڙي جي ماڳ ڪراچي ۾ استادن جي حقن لاءِ لانگ مارچ ڪيو پئي ويو ته ان وقت سمورن پروفيسرن، استادن، عالمن، اديبن، دانشورن تي پوليس لٺيون وسائي وڏي تعداد ۾ لياقت عزيز، تاج جويو، رفيق جروار، قادر بخش طالباڻي، پروفيسر يعقوب مري سميت ٻين کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو هو ۽ ان ڏينهن سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي ته جيستائين استادن جي حقن جي بحالي ۽ سنڌ جي حقن جي بحالي وارا مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا، اوستائين احتجاج ختم نه ڪيو ويندو. انهن ڏينهن ۾ آئون سنڌي ادبي سنگت ضلعي نوشهروفيروز جو رابطا سيڪريٽري هوندي انهيءَ ئي ڏينهن شام جو ساهتي جي شهر نوشهروفيروز ۾ انهيءَ احتجاج تي اي پي سي گهرائي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سيد ظفر علي شاهه کان وٺي مولانا عزيزالله ٻوهيو، سائين راشد مورائي ۽ ٻيا استاد، شاعر، اديب گڏجي ڪري اُتي سخت احتجاج ڪيو ۽ انهيءَ ڏينهن ٿاڻي جي لاڪپ مان لياقت عزيز ۽ سندس ساٿين اعلان ڪيو ته سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ ڊي سي آفيسن جي تالابندي ڪئي ويندي ۽ ٻئي ڏينهن تي جڏهن سمورن ساٿين سان گڏجي ڊي سي آفيس نوشهروفيروز پهتاسين ته پوليس جا وڏا اٽالا ڏسي ڪري پاڪيٽ سائيز يونين ليڊر پويان پير ڪرڻ لڳا پر علمي، ادبي ۽ سياسي ورڪر، استاد توڙي شاگرد انهن رنڊڪن کي ٽوڙيندي ڊي سي آفيس جي تالن ۾ ايلفي وجهي تالابندي ڪري ڇڏي. اهڙو سخت احتجاج ڏسندي سڄي سنڌ ۾ ساهتي جي سڄڻن جي واهه واهه ٿي وئي. انهيءَ ڏينهن شام جو خبر پئي ته لياقت عزيز سميت سمورن سڄڻن کي ڪراچي جي لاڪپن مان آزاد ڪيو ويو آهي. آئون به ان ڏينهن حيدرآباد وڃي سائين تاج جوئي وٽ پهتس؛ رات اتي ئي هياسين ته سائين لياقت سميت سمورا استاد اتي اچي گڏ ٿيا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سڀاڻي صبح جو حيدرآباد هاءِ ڪورٽ ۾ پڪي ضمانت ڪرائڻ لاءِ اسان جو ڪيس مامو يوسف لغاري وڙهندو. ائين ئي ٿيو صبح جو هاءِ ڪورٽ وڃي پهتاسين، سڀني کي انتظار هو ته ضمانت ٿئي ٿي الائي نه! مذاق مذاق ۾ ڪامريڊ يوسف لغاري اچي لياقت عزيز کي چيو ته جج صاحب توهان جي ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي، توهان کي جيل جي هوا کائڻي پوندي. تنهن تي ٽهڪ ڏيندي لياقت چيو ته جيل جون هوائون اسان کي ڪجهه به نه ٿيون ڪري سگهن، جيل ۽ ٿاڻا اسان جي عزم کي ٽوڙي نه ٿا سگهن، نه وري جيل ۽ ٿاڻن کان ڊڄي ڪري پنهنجي جدوجهد تان هٿ کڻنداسين. جيڪڏهن سالن تائين به جيلن ۾ واڙيو ويو ته اهو به اسان کي قبول هوندو. ايتري ۾ يوسف لغاري چيو ته ڪا ڳالهه ناهي توهان جي ضمانت ۱۵ ڏينهن لاءِ ٿي چڪي آهي، ائين ئي ٿيو جو اتان گلن جا هار پائي جڏهن ٻاهر نڪتو ته سندس ڪنڌ هماليه جي چوٽين جيان اوچو نظر آيو. هي جدوجهد جو عڪس بڻيل ڪڏهن به نه جهڪيو. جڏهن ڏٺائين ته سنڌ جي استادن مٿان ڏکيا ڏينهن آيا آهن ته پاڻ نڪري نروار ٿي بيٺو هر دور ۾ پنهنجو پاڻ ملهائڻ، سختيون ۽ سور سهڻ، دولت ۽ حوس کي ڦٽو ڪري ڇڏڻ اهو ئي وڏ ماڻهپو هوندو آهي. ڇو ته ڪيترا ئي يونين ليڊر هن جي دور ۾ پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري چڪا هئا. آمريت اڳيان ڪنڌ جهڪائي چڪا هئا پر هن ڪڏهن به ڪنڌ نه جهڪايو. پنهنجي استادن جي لاءِ سپلا تنظيم جيڪا جوڙيائين ان سان به ساٿ نڀايائين. سنڌ جي هر پورهيت تحريڪ سان ايترو ته اڳڀرو رهيو جو انهن جي ڏک سور ۾ هميشه لکندو به رهيو ته جدوجهد به ڪندو رهيو. نه رڳي اهو پر علمي، ادبي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت جي سٿ سان به پنهنجو ناتو ڪڏهن نه ٽوڙيائين، پوءِ ڀلي نياز هجي يا تاج هجي هر وقت ۾ هر آمريتي دور ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو. کوڙ ڀيرا سندس تنظيم مٿان بندشون به پيون، رنڊڪون به پيون، وقت جي آمرن ۽ حاڪمن مٿس سختيون به ڪيون، کيس جيل به ڀوڳڻا پيا، ڏک به برداشت ڪرڻا پيا پر پوءِ به هي شخص آڻ مڃڻ وارو نه هو. آريسر چواڻي هي ڇا ته شخص هو جو سدائين علم، ادب ۽ تحريڪ جي گفتگو هن جي لفظن ۾ هوندي هئي؛ هر وقت جدوجهد جو عڪس بڻيل رهيو ۽ ڪڏهن به لالچ جو شڪار نه ٿيو. کوڙ سارا غريب مسڪين ٻارڙا ڊاڪٽر، انجنيئر بڻايائين، انهن سمورن جي جيڪڏهن ڪهاڻي لکجي ته شايد ڪتاب ئي ڀرجي وڃن. هن هميشه قانوني طور تي جنگ وڙهي ۽ جنگ جي هر ميدان ۾ پنهنجي مخالفن کي مات ڏني. جڏهن ڪراچي هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري استاد تنظيمن تي پابندي ۽ زوري ۽ جبري موڪل تي کيس روانو ڪرڻ جي سازش سٽي وئي ته انهن ڏينهن ۾ وزير تعليم سان به جهيڙو جوٽيائين، جيڪو آخري گهڙي تائين جاري رهيو. ان تان به هٿ نه کنيائين. جڏهن سڄي سنڌ اندر ضيائي آمريت سنڌ جي ڳوٺ ڳلي ۾ ڪاهي پئي هئي ته ان وقت به ۱۱ ڏينهن لاءِ هن ساهتي جي شهر موري کان ڪراچيءَ تائين لانگ مارچ ڪيائين ۽ بک هڙتال به ڪيائين. لياقت عزيز هميشه جدوجهد جي ميدان ۾ رهيو، ڪڏهن به هار نه مڃيائين. اهڙا ماڻهو هميشه ياد رکيا ويندا آهن.