30 June, 2016
ڀائو منور پيرزادو - الطاف پيرزادو
ڊاڪٽر نواز علي شوق - سوز ٻروچ
29 June, 2016
رشيد ڀٽي
ڀٽي، رشيد: ناميارو ترقي پسند اديب،
محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي، حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ جو فرزند، ۲۰
آگسٽ ۱۹۳۳ع تي ڳوٺ
اروڙ، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم سکر مان ورتي، ۱۹۵۹ع ڌاري لا ڪاليج سکر مان ايل ايل بي ڪري وڪالت شروع ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ
مان ۱۹۸۴ع ڌاري سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي
۽ پهريون نمبر کڻي گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سندس والد حافظ عبدالحميد -ڀٽي- پڻ
مشهور صحافي ۽ اديب هو، سندس اثر هيٺ رشيد ڀٽيءَ ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو. هُو “المنار”
اخبار ۽ “پرهه ڦٽي” مئگزين جو ايڊيٽر، “نئين سنڌ”، ڪراچي ۽ “ الوحيد” ڪراچيءَ جو
سب ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر رهيو. هن جي پهرين ڪهاڻي “چوري” ۱۹۵۱ع ڌاري هفتيوار “روشني” سکر ۾ ڇپي. هو شروع کان ئي روشن خيال سوچ جو مالڪ
رهيو. ۱۹۵۴ع ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور
حصو ورتائين، جنهن ڏوهه ۾ ڪجهه عرصو جيل ۾ به رهيو. خوش مزاجيءَ ۽ کري ڳالهائڻ سبب
دوستن ۾ سندس الڳ سڃاڻپ رهي.حڪيم يوسف - مٺل جسڪاڻي
پروفيسر اياز حسين قادري
الڪا ڪيسواڻي سان ڳالھ ٻولھ - ثريا ڪپري
فقير جمال الدين - نور سنڌي
فقير جمال الدين لطيف سائين، سچل
سرمست، چيزل شاهه، منٺار فقير راڄڙ، اعجاز سائين، خوش خير محمد، ٻڍل شاهه، حسن بخش
شاهه هادي، محمد فقير کٽياڻ ۽ ٻين صوفي بزرگ شاعرن جو صوفياڻو ڪلام ڳائي فن جي دنيا
۾ وڏي شهريت ماڻي. سندس وڏا جيلسر مير جا هئا. پاڪستان جي قيام بعد اتان لڏي موجوده
ڳوٺ عبدالرشيد مري لڳ ٻوٻي آئل فيلڊ ۾ اچي پنهنجا پکڙا اڏيا، سندس خاندان ۾ ڪيترائي
فنڪار ٿي گذريا آهن، جن ۾ سندس ڏاڏو طالب فقير والد مصري فقير پنهنجي دور جا وڏا فنڪار
ٿي گذريا آهن. جمال الدين فقير 1951ع ڌاري مصري فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ صرف پرائمري
جا 5 درجا ۽ قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪري سگهيو. کيس قرآن شريف پڙهائيندڙ مشهور مولوي
چنيسر ملاح هو.28 June, 2016
ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ - محمد قاسم مير جت وڪيل
استاد منظور علي خان
قربان پيرزادو
منگهارام ملڪاڻي - ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
26 June, 2016
محمد مظهر جانِ جانان نقشبندي - عبدالفتاح عباسي
الهه ڏنو خاصخيلي - علي ڏنو جروار
پريتي جهانگياڻي - پريم مٽلاڻي
شبير ڪنڀار - نظام الدين ڪاڪا
تاج بلوچ
ڪاسس ڪلي عرف محمد علي ڪلي - ثريا ڪپري
ڊاڪٽر مبارڪ علي - مختيار ملاح
هري دلگير - جڳديش لڇاڻي
قاضي فضل الله - لياقت راڄپر
اسرار شام - مير اعظم علي ٽالپر
آفتاب احمد ميمڻ - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
حسن درس - اعجاز منگي
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
ڊاڪٽر خان محمد پنهور
25 June, 2016
آغا شهاب الدين
آغا شهاب
الدين
سنڌ جو سدا
ملوڪ ماڻهو
پروفيسر اعجاز قريشي
سنڌ پنهنجي گود مان ڪيترا ئي املهه ماڻڪ پيدا ڪيا آهن. اسان جو هڪ
اهڙو املهه انسان محترم آغا شهاب الدين به هيو.
آغا شهاب صاحب جوانيءَ کان پاڻ کي فلاحي ڪمن ۾ مصروف رکيو ۽ ڪيترا ئي
سماجي ڪم ڪندو رهيو. هن پنهنجو ڪيريئر لوڪل گورنمينٽ کاتي کان شروع ڪيو. شروع واري
زماني کان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيسڪ ڊيموڪريسي ٿيو. مڪاني حڪومت جي کاتي ۾، اها پوزيشن
هئي. ايوب خان جو زمانو هو ۽ ايوب خان بيسڪ ڊيموڪريسي جو بنياد وڌو هو ۽ اهو سڀ ڪم
لوڪل گورنمينٽ کاتي کي مليو. آغا شهاب، سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ انهيءَ عهدي تي
قائم رهيو. کيس سڀ کان اول دادو ضلعو مليو. پاڻ نوجوان هو ۽ آئون ننڍو هوس ۽
دادوءَ ۾ پڙهندو هوس. سندس واقفيت، منهنجي والد صاحب سان ٿي ۽ پوءِ منهنجو ساڻس
گهرو رشتو ٿيو، جيڪو آخر تائين هلندو رهيو. هو هڪ ملنسار، بيباڪ، باهمت، کرو ۽ سچو
انسان هو. آغا صاحب پنهنجي انهيءَ نوڪريءَ ۾ ڪافي اڳيان وڌندو رهيو ۽ وڃي ڊائريڪٽر
جي عهدي تي پهتو ۽ هلندي هلندي لوڪل گورنمينٽ کاتي جو سيڪريٽري ٿيو ۽ اُتان رٽائر
ڪيائين. هُن سڄو وقت، پنهنجي نوڪري بهترين انداز سان ڪئي. پاڻ نه صرف هڪ آفيسر هو
پر هڪ سٺو اديب ۽ ليکڪ پڻ هو. پاڻ سنڌي اخبارن ۾ تمام گهڻا مضمون لکيائين ۽ آخر
تائين لکندو رهيو. هن سنڌ جي تمام گهڻن ۽ اهم مسئلن تي لکيو. هو هر ڪرنٽ اشو تي
لکندو هيو، جيڪا سندس زندگيءَ جي اهم ڳالهه هئي. آغا شهاب پنهنجي وچين عمر ۾ اهو
فيصلو ڪيو ته سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري حيدرآباد ۾ سنڌي ميڊيم اسڪولن جي کوٽ آهي ۽ ڇو نه
هتي هڪ اهم اسڪول قائم ڪجي. هن اهو سوچي پنهنجي والد صاحب آغا تاج محمد جي نالي ۾
هڪ ادارو قائم ڪيو، جنهن جو نالو آغا تاج محمد اڪيڊمي رکيو ۽ ان جي ذريعي حيدرآباد
۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو. ان جي مکيه برانچ سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ قائم ڪئي جيڪا هن مهل
تائين قائم دائم آهي. انهيءَ اسڪول جون پوءِ ڪيتريون شاخون قائم ٿيون ۽ حيدرآباد
جي پسگردائي ۽ قاسم آباد جي مختلف پاڙن ۾ کليون.













